وينزويلا جي سمورن سياسي قيدين کي جلد آزاد ڪيو وڃي: ماريه ڪورينا ماچاڊو جو آمريڪا کي مطالبو

ڪراڪس-07 جنوري(اي پي پي)وينزويلا جي اپوزيشن ليڊر ماريه ڪورينا ماچاڊو مطالبو ڪيو آهي ته سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. پرڏيهي ميديا موجب ان جو اهو مطالبو وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گهرواري سيليا فلورس کي صدارتي محل مان آمريڪي فوجين جي کڻي وڃڻ جي واقعي کان پوءِ سامهون آيو آهي. ماريه ڪورينا پنهنجي ان مطالبي ۾ اهو به چيو ته سندس سمورن سياسي قيدين کي آزاد …

ڪراڪس-07 جنوري(اي پي پي)وينزويلا جي اپوزيشن ليڊر ماريه ڪورينا ماچاڊو مطالبو ڪيو آهي ته سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. پرڏيهي ميديا موجب ان جو اهو مطالبو وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس گهرواري سيليا فلورس کي صدارتي محل مان آمريڪي فوجين جي کڻي وڃڻ جي واقعي کان پوءِ سامهون آيو آهي. ماريه ڪورينا پنهنجي ان مطالبي ۾ اهو به چيو ته سندس سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي جن کي بنا ڪنهن جواز جي حراست ۾ رکيو ويو آهي. پوءِ انهن جو تعلق عام شهرين سان آهي يا فوج سان اهي سياسي قيدي آهن. انهن کي جلد آزاد ڪيو وڃي جڏهن ته امن جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ اپوزيشن ليڊر ماريه ڪورينا وينزويلا جي صدر ۽ سندس گهرواري جي آمريڪا مان آزادي جو مطالبو ناهي ڪيو. ماريه ڪورينا آمريڪي صدر ٽرمپ جي نظرياتي حامي آهي. وينز ويلا ۾ سياسي قيدين جو انگ 863 ٻڌايو پيو وڃي. اهي انگ اکر هڪ انساني حقن جي اداري طرفان سامهون آندا ويا آهن.

مزید خبریں