اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو ڊجيٽل نيشنل پاڪستان ويزن حڪومت جي ڊجيٽل پاليسين جو بنياد آهي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب دبئي جي مشهور ريئل اسٽيٽ ڪمپني داماڪ پراپرٽيز جي سنجواني بزنس جي وفد جي وزارت آمد تي وفاقي وزير شزه فاطمه آجيان ڪئي. …
وزيراعظم شهباز شريف جو ڊجيٽل نيشنل پاڪستان ويزن حڪومت جي ڊجيٽل پاليسين جو بنياد آهي: وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو ڊجيٽل نيشنل پاڪستان ويزن حڪومت جي ڊجيٽل پاليسين جو بنياد آهي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب دبئي جي مشهور ريئل اسٽيٽ ڪمپني داماڪ پراپرٽيز جي سنجواني بزنس جي وفد جي وزارت آمد تي وفاقي وزير شزه فاطمه آجيان ڪئي. ان موقعي تي وفد کي پاڪستان جي ڊجيٽلائيزيشن ويزن ۽ عورتن جي ڊجيٽل شموليت تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ڌرين وچ ۾ آئوٽ سورسنگ جي موقعن، ٽيڪ ٽئلينٽ جي سڃاڻپ ۽ پراپرٽي ٽيڪنالاجي ۽ ٽوڪنائيزيشن ذريعي ڪارڪردگي کي استعمال ۾ آڻيندي ليڪيويڊيٽي وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وفد کي وزيراعظم رمضان پئڪيج تحت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 5 لک عورتن کي ڊجيٽل والٽس کولڻ بابت به آگاهه ڪيو ويو. سنجواني وفد جي گروپ پاڪستاني نوجوانن جي صلاحيتن ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي نظام جي واکاڻ ڪندي پاڪستان ۾ پراپ ٽيڪ، ٽوڪنائزيشن ۽ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن تي اعتماد جو اظهار ڪيو.











