سون جي قيمت ۾ 1200 روپيا في تولو گھٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد - 07 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جو اگهه 1200 روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 66 ھزار 762 روپيا في تولو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسويشن مطابق اربع ڏينھن تي سون جي قيمت 1200 روپين جي گھٽتائي کانپوءِ 4 لک 66 ھزار 762 روپيا في تولو ٿي وئي آھي، جڏھن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1028 …

اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جو اگهه 1200 روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 66 ھزار 762 روپيا في تولو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسويشن مطابق اربع ڏينھن تي سون جي قيمت 1200 روپين جي گھٽتائي کانپوءِ 4 لک 66 ھزار 762 روپيا في تولو ٿي وئي آھي، جڏھن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1028 روپين جي گھٽتائي کانپوءِ 4 لک هڪ هزار 210 روپين کان گھٽجي 400،173 روپيا ٿي وئي. 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 67 هزار 780 روپين کان گھٽجي 366،838 روپيا ٿي وئي، آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسي ايشن مطابق في تولو ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت ترتيبوار 8،361 روپيا ۽ 7،168 روپين تي مستحڪم رھي. ايسوسي ايشن مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4456 ڊالر کان گھٽجي 4444 ڊالر ٿي وئي آهي.

مزید خبریں