گڏيل قومن پاران ميمبر ملڪن جي علائقائي سلامتي جي احترام تي زور

گڏيل قومون-07 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن ميمبر ملڪن جي علائقائي سلامتي جي احترام تي زور ڀريندي چيو آهي ته اهو هڪ اهڙو اصول آهي جنهن جو دفاع عالمي ادارا مستقبل ۾ به پڻ ڪندا رهندا. پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ بريفنگ دوران گرين لينڊ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته گڏيل قومن ان حوالي سان سامهون آيل بيانن تي …

گڏيل قومون-07 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن ميمبر ملڪن جي علائقائي سلامتي جي احترام تي زور ڀريندي چيو آهي ته اهو هڪ اهڙو اصول آهي جنهن جو دفاع عالمي ادارا مستقبل ۾ به پڻ ڪندا رهندا. پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ بريفنگ دوران گرين لينڊ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته گڏيل قومن ان حوالي سان سامهون آيل بيانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، هن واضح ڪيو ته عالمي اداري جو موقف اصولي اهي ۽ ان بنياد تي گڏيل قومون ميمبر ملڪن جي علائقائي سالميت جي احترام تي قائم رهندي. ترجمان وڌيڪ چيو ته سيڪريٽري جنرل ان موقف کي عوامي ۽ نجي ٻنهي سطحن تي اجاگر ڪندو رهندو. اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي ته جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته آمريڪا کي دفاعي مقصد لاءِ گرين لينڊ جي سخت ضرورت آهي، صدر ٽرمپ جنوري 2025ع ۾ ٻيو ڀيرو اقتدار ۾ آيو ان کان اڳ به پڻ هو گرين لينڊ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ تي دلچسپي جو اظهار ڪري چڪو آهي ۽ اهو اشارو پڻ ڏئي چڪو آهي ته هو ان مقصد لاءِ فوجي يا معاشي دٻاءُ جي امڪانن کي رد نٿو ڪري.

مزید خبریں