واشنگٽن-07 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا گذريل چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ وارين 5 رياستن کي وفاق طرفان فنڊز جي فراھمي ۾ 10 ارب ڊالر ڪٽوتي جو اعلان ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق آمريڪي انتظاميا جو چوڻ آھي ته 5 ڊيموڪريٽڪ رياستن ميني سوٽا، ڪيليفورنيا، نيويارڪ، الينوائي ۽ ڪولواڊو ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ٿي رھي آھي، جڏھن ته انتظاميا طرفان …
آمريڪي انتظاميا پاران ڊيمو ڪريٽڪ اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ وارين 5 رياستن کي وفاق طرفان فنڊز جي فراھمي ۾ 10 ارب ڊالر ڪٽوتي جو اعلان

مزید خبریں
واشنگٽن-07 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا گذريل چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ وارين 5 رياستن کي وفاق طرفان فنڊز جي فراھمي ۾ 10 ارب ڊالر ڪٽوتي جو اعلان ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق آمريڪي انتظاميا جو چوڻ آھي ته 5 ڊيموڪريٽڪ رياستن ميني سوٽا، ڪيليفورنيا، نيويارڪ، الينوائي ۽ ڪولواڊو ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ٿي رھي آھي، جڏھن ته انتظاميا طرفان ان ڪرپشن جا ثبوت فراھم ناھن ڪيا ويا. رپورٽ مطابق وفاقي فنڊنگ جي ڪٽوتي سان 5 رياستن ۾ ٻارن جي سار سنڀال جي سبسڊي، سماجي خدمتن ۽ گھٽ آمدني وارن ڪٽنبن لاءِ روڪ رقم ۽ امداد جھڙا منصوبا متاثر ٿيندا، جنھن ۾ ماڻھن جو وڏو انگ شامل آھي. ان کان اڳ آمريڪي انتظاميا اتر رياست ميني سوٽا جي 185 ملين ڊالر جي وفاقي فنڊنگ روڪي چڪي آھي.











