يورپي يونين پاران وينزويلا جي عبوري صدر جي قانوني حيثيت تسليم ڪرڻ کان انڪار

 برسلز-07 جنوري (اي پي پي) يورپي يونين وينزويلا جي عبوري صدر ڊيلسي روڊ ريگز جي قيادت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ته هن پهرين اڳوڻي صدر نڪولس مادورو جي صدارت کي به تسليم نه ڪيو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه يورپي ڪميشن جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته وينزويلا ۾ اختيارين پنهنجي صدارت جو اختيار هڪ اهڙي چونڊ عمل کان حاصل ڪيو …

 برسلز-07 جنوري (اي پي پي) يورپي يونين وينزويلا جي عبوري صدر ڊيلسي روڊ ريگز جي قيادت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ته هن پهرين اڳوڻي صدر نڪولس مادورو جي صدارت کي به تسليم نه ڪيو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه يورپي ڪميشن جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته وينزويلا ۾ اختيارين پنهنجي صدارت جو اختيار هڪ اهڙي چونڊ عمل کان حاصل ڪيو آهي جنهن عوام جي جهموري تبديلي جي خواهش جو احترام ناهي ڪيو. يورپي يونين جو موقف آهي ته ملڪ جو مستقبل شموليتي ڳالهين ۽ جهموري عبوري عمل ذريعي طئي ٿيڻ گهرجي. جنهن ۾ سمورا جهموري عنصر خاص طور تي اپوزيشن جا نمائندا به شامل هجن. جيتوڻيڪ يورپي يونين روڊ ريگز يا مادورو جي قانوني حيثيت کي تسليم نٿي ڪري، پر اها محدود ۽ چونڊ رابطه برقرار رکڻ جو عزم رکي ٿي ته جيئن پنهنجن مفادن ۽ اصولن جو تحفط ڪري سگهجي.

مزید خبریں