رياض -07 جنوري(اي پي پي)قطر جي فضائي ڪمپني قطر ايئر ويز سعودي عرب جي نيٽ ورڪ ۾ واڌ ڪندي حائل لاءِ اڏامون شروع ڪري ڇڏيون . پرڏيهي ميڊيا مطابق حائل ريجن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سي اي او چيو آهي ته قطر ايئرويز جي پهرين اڏام 5 جنوري تي دوحه جي حمد انٽر نيشنل ايئر پورٽ تان حائل ايئر پورٽ پهتي. هفتي ۾ 03 سڌيءَ ريت اڏامون هلايون وينديون. قطر ايئر …
قطر ايئر ويز پاران سعودي نيٽ ورڪ ۾ واڌ، حائل لاءِ اڏامون شروع

مزید خبریں
رياض -07 جنوري(اي پي پي)قطر جي فضائي ڪمپني قطر ايئر ويز سعودي عرب جي نيٽ ورڪ ۾ واڌ ڪندي حائل لاءِ اڏامون شروع ڪري ڇڏيون . پرڏيهي ميڊيا مطابق حائل ريجن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سي اي او چيو آهي ته قطر ايئرويز جي پهرين اڏام 5 جنوري تي دوحه جي حمد انٽر نيشنل ايئر پورٽ تان حائل ايئر پورٽ پهتي. هفتي ۾ 03 سڌيءَ ريت اڏامون هلايون وينديون. قطر ايئر ويز جي نيٽ ورڪ ۾ سعودي شهرين جو انگ 13 جڏهن ته هفتيوار اڏامون 130 کان وڌي ويون آهن. قطر ايئر ويز 21 آڪٽوبر 2025ع کان ريڊ سي انٽر نيشنل ايئر پورٽ لاءِ اڏامن جي شروعات ڪئي هئي.











