ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردن کي سازگار سياسي ماحول فراهم ڪيو وڃي ٿو، ياست پنهنجي هڪ هڪ ٻار جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جي پريس ڪانفرنس

راولپنڊي-06 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ دهشتگرديءَ جي 80 سيڪڙو واقعن جو بنيادي ڪارڻ ميسر سازگار سياسي ماحول ۽ ڪرمنل ڳٺ جوڙ آهي، ڀارت جي سرپرستي ۾ افغانستان دهشتگردن جا ٺڪاڻا بڻجي چڪو آهي جتان وار اڪانومي هلائڻ لاءِ دهشتگرديءَ کي اسپانسر ڪيو پيو وڃي، …

راولپنڊي-06 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ دهشتگرديءَ جي 80 سيڪڙو واقعن جو بنيادي ڪارڻ ميسر سازگار سياسي ماحول ۽ ڪرمنل ڳٺ جوڙ آهي، ڀارت جي سرپرستي ۾ افغانستان دهشتگردن جا ٺڪاڻا بڻجي چڪو آهي جتان وار اڪانومي هلائڻ لاءِ دهشتگرديءَ کي اسپانسر ڪيو پيو وڃي، رياست پنهنجي هڪ هڪ ٻار جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي، خوارج جو اسلام سان ڪو تعلق ناهي ۽ الله جي حڪم موجب سندن فتنو هر صورت ۾ ختم ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي ترجمان سال 2025ع جي سيڪيورٽي صورتحال جو جامع احاطو ڪيو. هن ٻُڌايو ته گذريل سال دهشتگرديءَ جا 5397 واقعا ٿيا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز مجموعي طور تي 75175 ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشنز ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 2597 دهشتگردن کي ماريو ويو جڏهن ته 1235 سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ شهرين شهادت ماڻي. انهن ڪاررواين ۾ سڀ کان وڌيڪ 58778 آپريشنز بلوچستان ۽ 14658 ڪي پي ڪي ۾ ڪيا ويا. ڊي جي آءِ ايس پي آر انڪشاف ڪيو ته شام کان اڍائي هزار غير ملڪي دهشتگرد افغانستان منتقل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته آمريڪا جا ڇڏيل 7.2 ارب ڊالرن جا جديد هٿيار هاڻ پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهيا آهن. هن چيو ته افغان طالبان ٽي ٽي پي کي پنهنجي تنظيمي طرز تي تيار ڪري رهيا آهن. هن چِٽن لفظن ۾ چيو ته ڀارت آپريشن سندور جي نالي تي پاڪستاني شهرين کي نشانو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي ڪاراڻ اڃا تائين سندن مُنهن تي آهي، جڏهن ته حق جي ويڙهه ۾ ڀارت کي مُنهن جي کائڻي پئي. ترجمان ٻُڌايو ته آڪٽوبر 2025ع ۾ جڏهن افغان طالبان رجيم پاڪستاني پوسٽن تي حملا ڪيا ته پاڪ فوج هارڊ ميسيج ڏيندي ڪلاڪن ۾ درجنين افغان پوسٽن کي تباهه ڪري ڇڏيو. هن واضح ڪيو ته گذريل سال جي 10 وڏن دهشتگرداڻن حملن ۾ ملوث سمورا حملي آور افغان شهري هئا ۽ سرحد بند ڪرڻ سان انهن ۾ واقع گهٽتائي آئي آهي. ليفٽيننٽ جنرل ٻُڌايو ته خوارج مسجدن ۽ گهرن ۾ ويهي آرمڊ ڪواڊ ڪاپٽرز ۽ ڊرونز جو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ عورتن ۽ ٻارن کي انساني ڍال بنائي رهيا آهن جڏهن ته پاڪ فوج صرف دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي نشانو بڻائي ٿي. هن ان بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو ته هي صرف فوج جي جنگ آهي. هن چيو ته اها پاڪستان جي بقا جي جنگ آهي جيڪا طاقت سان کٽي ويندي. ترجمان چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي سمورين سياسي پارٽين جو اتفاق آهي ۽ ان تي عملدرآمد اڻٽر آهي. هن ٻُڌايو ته گذريل پنجن سالن ۾ فورسز جي سگهه ۾ جوڳو اضافو ٿيو آهي ته هاڻ هڪ شهادت جي مقابلي ۾ 2 دهشتگردن کي ماريو پيو وڃي. هن سوال ڪيو ته جيڪي ماڻهو آپريشن جي مخالفت ڪن ٿا يا ڪابل مان سيڪيورٽي جي پِنڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، ڇا انهن جي ذات پاڪستان جي سلامتيءَ کان وڏي آهي؟

مزید خبریں