ڪراچي-06 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سان گرينڊ الائنس آف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشنز جي وفد اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي، جنهن دوران نجي تعليمي ادارن کي درپيش مسئلن، خاص طور فري شپ ڊيٽا جي تصديق (ويئرِيفڪيشن) جي طريقيڪار بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ايس آءِ ڊي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب تعليم واري وزير پاران مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ کان …
سنڌ جي تعليم واري وزير سان گرينڊ الائنس آف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشنز جي وفد جي ملاقات
ڪراچي-06 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سان گرينڊ الائنس آف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشنز جي وفد اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي، جنهن دوران نجي تعليمي ادارن کي درپيش مسئلن، خاص طور فري شپ ڊيٽا جي تصديق (ويئرِيفڪيشن) جي طريقيڪار بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ايس آءِ ڊي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب تعليم واري وزير پاران مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ کان پوءِ گرينڊ الائنس 9 جنوري تي اعلانيل هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ملاقات ۾ چيئرمين اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ذوالفقار علي شاهه، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد علي عباسي، ڊائريڪٽر جنرل پرائيويٽ اسڪولز محمد افضل، ايڊيشنل ڊائريڪٽر رفيعه ملاح سميت ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. جڏهن ته گرينڊ الائنس آف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشنز سنڌ جي وفد ۾ انور علي ڀٽي، سيد طارق شاهه، سيد شهزاد اختر، دانش الزمان، ناصر زيدي، حيدر علي ۽ ٻيا شامل هئا. وفد سنڌ ۾ نجي تعليمي ادارن جي شاگردن جي فري شپ ڊيٽا جي تصديق جي طريقيڪار تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته اينٽي ڪرپشن وسيلي تصديق واري عمل ۾ ڪيترائي خدشا موجود آهن. ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته گرينڊ الائنس آف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشنز جي وفد جا خدشا قابلِ قدر آهن، ۽ ڊيٽا ويئرِيفڪيشن لاءِ واضح ۽ مربوط ميڪينزم مقرر نه هجڻ سبب نجي اسڪول انتظاميا کي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته عدالت جي فيصلي جو احترام آھي ۽ فري شپ ڊيٽا جي تصديق لاءِ مؤثر لائحه عمل ذريعي سڀني ڌرين جا خدشا ختم ڪيا ويندا. ملاقات دوران اينٽي ڪرپشن وسيلي تصديق لاءِ هڪ مربوط ۽ شفاف طريقيڪار تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز جي سهڪار سان اسڪول انتظاميا ۽ والدين جي سڀني خدشن جو مڪمل خيال رکيو ويندو، ته جيئن ڪنهن کي به پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. سنڌ جي تعليم واري وزير سنڌ ۾ تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ پرائيويٽ اسڪولز جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي چيو ته حڪومت سان گڏوگڏ نجي تعليمي ادارا به لکين ٻارن جي تعليم جي ذميواري نڀائي رهيا آهن. هن وفد کي يقين ڏياريو ته حڪومت پرائيويٽ ايجوڪيشن سيڪٽر کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي، ڇو ته ٻارن جي تعليم ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. سيد سردار علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز جي مدد سان اسڪولن جي ڊيٽا ويئرِيفڪيشن سان لاڳاپيل سمورا معاملا حل ڪيا ويندا. بعد ۾ گرينڊ الائنس آف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشنز سنڌ جي اڳواڻن، سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي خاطري ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن ذوالفقار علي شاهه سان اتفاق ڪندي، فوري طور احتجاج ختم ڪرڻ ۽ جمعي 9 جنوري لاءِ اعلان ڪيل هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو.











