پاڪستان ريلوي جي ڊجيٽلائيزيشن، نَوان ٽريڪس ۽ هڪ کرب رپين جي آمدني جو هدف مقرر ڪيو آهي: حنيف عباسي

اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) ريلويز واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان ريلويز جي 78 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمورن شعبن ۾ هڪ ئي وقت ترقيءَ جو عمل جاري آهي، پاڪستان ريلويز جي مڪمل ڊجيٽلائزيشن، آئوٽ سورسنگ، نَون ٽريڪس جي تعمير ۽ مسافر سهولتون جي بهتريءَ تي عملي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي …

اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) ريلويز واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان ريلويز جي 78 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمورن شعبن ۾ هڪ ئي وقت ترقيءَ جو عمل جاري آهي، پاڪستان ريلويز جي مڪمل ڊجيٽلائزيشن، آئوٽ سورسنگ، نَون ٽريڪس جي تعمير ۽ مسافر سهولتون جي بهتريءَ تي عملي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ٻُڌايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڪراچيءَ کان روهڙيءَ وچ ۾ 480 ڪلوميٽر نئين ريلوي ٽريڪ جي تعمير لاءِ 2 ارب ڊالرن جي قرضن جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن سان سفر جي وقت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪلاڪن جي گهٽتائي ايندي. ڪراچي روهڙي منصوبي جي گرائونڊ بريڪنگ جولاءِ 2026ع ۾ اميد آهي، جڏهن ته ان منصوبي کي اڍائي کان ٽي سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. حنيف عباسي ٻُڌايو ته ريڪوڊڪ منصوبي تحت روهڙي کان نؤ ڪنڊي تائين 900 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ 500 ڪلوميٽر نئين ٽريڪ جي تعمير ۽ 400 ڪلوميٽر ٽريڪ ال لفٽ ڪيو ويندو. نؤڪنڊي کان تفتان تائين 87 ڪلوميٽر ٽريڪ کي به منصوبي ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن ايران سان ريلوي رابطا وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجن. هن چيو ته بلوچستان ۾ 54 ڪلوميٽر پيپلز ٽرين روٽ جي شروعات 4 ارب رپين جي لاڳت سان ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته پنجاب ۾ 8 ريجنل روٽس قائم ڪيا ويندا. سنڌ ۽ پنجاب سان گڏوگڏ ڪي پي ڪي کي به ريلوي جي نَون منصوبن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته پهريون ڀيرو صوبن کي برانچ لائنز آپريٽ ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي جنهن تي پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان فنڊز رکيا آهن، جڏهن ته ڪي پي ڪي حڪومت سان مشاورت جاري آهي. هن ٻُڌايو ته قازقستان، ازبڪستان ۽ ايران سان ريلوي ڪنيڪٽوٽي تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ اسلام آباد گهران اسنبول ريلوي سروس سيڪيورٽي ڪليئرنس کانپوءِ شروع ڪئي ويندي. حنيف عباسي ٻُڌايو ته راولپنڊي ريلوي اسٽيشن جي صفائي ۽ بهتري مڪمل ڪئي وئي آهي، 3 پرائيم ٽرينز اپ گريڊ ٿي چڪيون آهن جڏهن ته وڌيڪ ٽرينون 30 جون تائين مڪمل ڪيون وينديون. هن اعلان ڪيو ته 31 ڊسمبر تائين سمورين وڏين ٽرينن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو، جن ۾ سيڪيورٽي ڪئميرائون، واءِ فاءِ، هوسٽس ۽ جديد ڊائيننگ ڪارز شامل هونديون. اسٽيشنن تي واءِ فاءِ راٽرز لڳايا ويا آهن جڏهن ته رابطا ايپ ذريعي ٽڪيٽ بُڪ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن ٻُڌايو ته 1700 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي فائبر آپٽ نيٽ ورڪ وڇايو پيو وڃي. ڪراچي ۽ لاهور ريلوي اسٽيشنن کي سيف اينڊ سيڪيور بڻايو پيو وڃي ۽ ايم ٽيگ جي طرز تي ٽرينن تي اسٽيڪرز به لڳايا ويندا. ايف ڊبليو او سان 8.9 ارب رپين جي ڊجيٽل سسٽم معاهدي ۽ ڊي پي ورلڊ سان پپري يارڊ تي 85 ملين ڊالرن جي منصوبي تي اڳڀرائي جاري آهي. هن ٻُڌايو ته 155 ريلوي اسٽيشنن کي سولر انرجي تي منتقل ڪيو ويو آهي، ريلوي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ روزاني آمدني 300 ملين رپيا حاصل ڪئي آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي خواهش ۽ فنڊز جي فراهميءَ سان لاهور راولپنڊي نئون ٽريڪ منصوبو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سفر جو وقت اڍائي ڪلاڪ رهجي ويندو. ان کان علاوه پاڪستان ريلوي جون 2026ع تائين هڪ کرب رپيا آمدني حاصل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ وزيراعظم جي قيادت ۾ ريلوي کي هڪ جديد، محفوظ ۽ منافعي بخش ادارو بڻايو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ريلوي جي سمورن ملازمن جا حق محفوظ آهن، ريلوي اسپتالن ۽ اسڪولن جي آئوٽ سورسنگ ڪئي پئي وڃي، سمورن اسپتالن کي ال لفٽ ڪيو ويندو ۽ ريلوي ملازمن کي ريلوي اسپتالن ۾ مفت علاج فراهم ڪيو ويندو. عملي جي سهولت لاءِ 14 رننگ رومز کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.

مزید خبریں