اسلام آباد - 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خساري جو شڪار رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ آهي، پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي ڪامياب نجڪاري برسات جو پهريون ڦڙو آهي، نجڪاري ڪميشن ۾ سڌارن جي حوالي سان ڪم تيز ۽ نجڪاري ڪميشن ۾ نجي شعبي ۽ مارڪيٽ مان بهترين صلاحيتون رکندڙ لاڳاپيل افرادي قوت کي مقرر …
خساري جو شڪار رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ آهي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خساري جو شڪار رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ آهي، پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي ڪامياب نجڪاري برسات جو پهريون ڦڙو آهي، نجڪاري ڪميشن ۾ سڌارن جي حوالي سان ڪم تيز ۽ نجڪاري ڪميشن ۾ نجي شعبي ۽ مارڪيٽ مان بهترين صلاحيتون رکندڙ لاڳاپيل افرادي قوت کي مقرر ڪيو وڃي، سموريون مقرريون انتهائي شفاف انداز ۾ ڪيون وڃن، نجڪاري ڪميشن جي منصوبن جي عالمي معيار جي فرم کان ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار نجڪاري ڪميشن جي معاملن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جي نجڪاري واري صلاحڪار ۽ نجڪاري ڪميشن جي چيئرپرسن محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته خساري جو شڪار رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري حڪومت جي اولين ترجيحن مان آهي، پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي ڪامياب نجڪاري برسات جون پهريون ڦڙو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نجڪاري ڪميشن ۾ سڌارن جي حوالي سان ڪم تيز ڪيو وڃي، نجڪاري ڪميشن ۾ نجي شعبي ۽ مارڪيٽ مان بهترين صلاحيتون رکندڙ لاڳاپيل افرادي قوت کي مقرر ڪيو وڃي، سموريون مقرريون انتهائي شفاف انداز ۾ ڪيون وڃن. وزيراعظم نجڪاري ڪميشن کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن هدايت ڪئي ته نجڪاري ڪميشن جي منصوبن جي عالمي معيار جي فرم کان ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي وڃي ۽ نجڪاري ڪميشن ۾ پبلڪ ريليشنز ۽ مارڪيٽنگ جي شعبي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. اجلاس کي نجڪاري ڪميشن ۾ جاري سڌارن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نجڪاري ڪميشن ۾ مارڪيٽ مان فنانس، هيومن ريسورس، قانون، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ميڊيا مئنيجمينٽ جي حوالي سان ايڊوائيزرز ڀرتي ڪيا ويندا. نجڪاري ڪميشن ۾ مارڪيٽ مان اسٽريٽجي، پاليسي، ٽرانزيڪشن ۽ پاور جي شعبن ۾ ڪنسلٽينس مقرر ٿيندا، اسٽريٽجڪ نظم ۽ ضبط، مضبوط گورننس، اداراجاتي صلاحيت جي بهتري ۽ ڌرين سان شفاف رابطا نجڪاري ڪميشن جي جاري سڌارن جو بنياد آهن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري کي شروعاتي طور تي ٻن بيچز ۾ رکيو ويو آهي، پهرين بيچ ۾ اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۽ فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي نجڪاري ٿيندي. ٻي بيچ ۾ حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جي نجڪاري ٿيندي.











