اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان بنگلاديش ايئرفورس جي چيف آف دي ايئر اسٽاف، ايئر چيف مارشل حسن محمود خان جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي وفد ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ اهم ملاقات ڪئي. اها ملاقات ٻنهي فضائي فوجن وچ ۾ آپريشنل سهڪار ۽ اداره جاتي هم آهنگيءَ کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي سلسلي ۾ جي هڪ …
پاڪ فضائيه جي سربراهه سان بنگلاديش جي هم منصب جي ملاقات، گڏيل سهڪار جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان بنگلاديش ايئرفورس جي چيف آف دي ايئر اسٽاف، ايئر چيف مارشل حسن محمود خان جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي وفد ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ اهم ملاقات ڪئي. اها ملاقات ٻنهي فضائي فوجن وچ ۾ آپريشنل سهڪار ۽ اداره جاتي هم آهنگيءَ کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي سلسلي ۾ جي هڪ اهم ڪڙي آهي. ملاقات دوران ٻنهي سربراهن گڏيل سهڪار جي وسيع امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ خاص ڪري تربيتي مشقن ۽ ايرو اسپيس صنعت ۾ اڳڀرائيءَ جي شعبن ۾ سهڪار تي زور ڀريو ويو. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ايئر هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي پاڪ فضائيه جي چست جٿي ايئر چيف مارشل حسن محمود خان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو معزز مهمانن جو شاندار استقبال ڪيو ۽ کيس پاڪ فضائيه جي هاڻوڪي اڳڀرائي ۽ جديد صلاحيتن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ايئر چيف ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ گهرا مذهبي ۽ تاريخي ناتا قائم آهن جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي فوجن وچ ۾ مثالي عسڪري سهڪار جو مظهر آهن. هن جديد حربي چئلينجز سان اثرائتي انداز ۾ مُنهن ڏيڻ لاءِ بنگلاديش ايئر فورس کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ايئر چيف ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ فضائيه بنگلاديش ايئرفورس جي ڪيڊٽس ۽ پائليٽس لاءِ بنياد کان وٺي اعليٰ سطحي ٽريننگ جا وسيع موقعا فراهم ڪندي ۽ پاڪستان ايئر فورس جي مختلف تربيتي ادارن ۾ بنگلاديش ايئر فورس جي اهلڪارن لاءِ خاص تربيتي سهولتون به مهيا ڪيون وينديون. بنگلاديش ايئرفورس جي تربيتي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ايئر چيف ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته سپر مشاق تربيتي جهازن جي فراهمي جي عمل کي تيز ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ پاڪ فضائيه مڪمل تربيتي نظام جي فراهمي کي به يقيني بڻائيندي ته جيئن جهازن جي وقت سر شموليت، بهترين عملي تياري ۽ ڊگهي مُدي واري معاونت کي يقيني بڻائي سگهجي. بنگلاديش ايئرفورس جي سربراهه پي اي ايف جي شاندار حربي رڪارڊ ۽ مسلسل عملي برتري کي ساراهيو. هن پاڪ فضائيه جي وسيع عملي تجربي ۽ پيشيوراڻي مهارت مان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ به گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. بنگلاديش ايئرفورس جي چيف، پي اي ايف جي مسلسل سهڪار تي شڪريو ادا ڪندي پنهنجي فضائيه جي فضائي ٻيڙي جي نئين سر تعمير لاءِ معاونت جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن بنگلاديش ايئرفورس جي ايئر ڊفينس جي نظام کي مستحڪم بنائڻ ۽ دفاعي صلاحيتن ۾ واڌ لاءِ ايئر ڊفينس ريڊار سسٽم کي لڳائڻ ۾ پاڪستان ايئرفورس جي معاونت به طلب ڪئي. ٻنهي سربراهن وچ ۾ جي ايف-17 ٿنڊر جهازن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي جيڪا دفاعي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڊگهي مُدي واري ڀائيواري جي روشن امڪانن جي عڪاسي ڪري ٿي. بنگلاديش ايئر چيف نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ ۾ موجود جديد فني انفراسٽرڪچر کي ساراهيو ۽ خاص ڪري آءِ ايس آر، سائبر، خلائي ٽيڪنالاجي، اليڪٽرانڪ وار فيئر ۽ بنا پائليٽ فضائي نظام جي شعبن ۾ قائم جديد ترين سهولتن کي تحسين جوڳو قرار ڏنو. دؤري دوران بنگلاديش جي چيف آف دي ايئر اسٽاف ايئر هيڊ ڪوارٽرز ۾ اهم آپريشنل ۽ اسٽريٽجڪ ٺڪاڻن جو به دؤرو ڪيو جن ۾ نيشنل آءِ ايس آر اينڊ انٽيگرٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر ۽ پي اي ايف سائبر ڪمانڊ شامل آهن، جتي کيس اُڀرندڙ حربي شعبن ۾ پاڪ فضائيه جي آپريشنل صلاحيتن تي بريفنگ ڏني وئي. بنگلاديش جي ان اعليٰ سطحي دفاعي وفد جو ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ، صلاحيت سازي ۽ آپريشنل سهڪار تي ٻَڌل اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ کي هٿي ڏيڻ جي پُختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.











