اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان جي قيادت ۾ پاڪستان جو اعليٰ سطحي پارلياماني وفد 20 جنوريءَ کان آمريڪا جو 6 ڏينهن جو سرڪاري دؤرو ڪندو، جيڪو آمريڪا ۽ پاڪستان جي پارلياماني ناتن ۾ تاريخي سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ ٽرانس اٽلانٽڪ ناتن ۾ هڪ نئين اداره جاتي باب جي شروعات ڪندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب پاڪستان پاليسي انسٽيٽيوٽ يو …
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي قيادت ۾ پاڪستان جو اعليٰ سطحي پارلياماني وفد 20 جنوريءَ کان آمريڪا جو 6 ڏينهن جو سرڪاري دؤرو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان جي قيادت ۾ پاڪستان جو اعليٰ سطحي پارلياماني وفد 20 جنوريءَ کان آمريڪا جو 6 ڏينهن جو سرڪاري دؤرو ڪندو، جيڪو آمريڪا ۽ پاڪستان جي پارلياماني ناتن ۾ تاريخي سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ ٽرانس اٽلانٽڪ ناتن ۾ هڪ نئين اداره جاتي باب جي شروعات ڪندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب پاڪستان پاليسي انسٽيٽيوٽ يو ايس اي جي انتظام هيٺ ان دؤري ۾ پهريون ڀيرو باضابطه طور تي آمريڪا پاڪستان بين الپارلياماني گروپ آءِ پي جي، جي شموليت هوندي جيڪا اسٽريٽجڪ ۽ غير روايتي پارلياماني سفارتڪاري ذريعي حاصل ڪيل اڳڀرائيءَ جي نمائندگي ڪندي ۽ سڌيءَ ريت قانونسازيءَ ذريعي جمهوري ادارن کي مضبوط بنائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪندي. اهي قدم اهم عالمي ۽ علائقائي تبديليءَ وقت سامهون آيا آهن، خاص طور تي ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ جتي پارلياماني ادارن کي ڳالهيون، استحڪام ۽ جمهوري طرزِ حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار طور تي تسليم ڪيو پيو وڃي. دؤري جي اسٽريٽجڪ مقصدن ۾ آمريڪي ڪانگريس ۽ پاڪستان وچ ۾ هڪ مستقبل بين الپارلياماني ڳالهين جو طريقو قائم ڪرڻ جمهوري قدرن، قانونسازيءَ جي بهترين طريقن ۽ پارلياماني نگراني کي هٿي ڏيڻ، روايتي انتظامي سطح جي سفارتڪاري کان اڳتي اداره جاتي سهڪار کي مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ علائقائي مسئلن تي پاڪستان جي پارلياماني نقطه نظر کي پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستاني آمريڪي رهواسين سان رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ سائنسي، ثقافتي ۽ پاليسي سهڪار کي اڳتي وڌائڻ شامل آهي. هي دؤرو تاريخ سازي طرف اشارو ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته پاڪستان آمريڪا ناتن جي 77 ساله تاريخ ۾ ڪنهن اڳوڻي پاڪستاني پارلياماني وفد ڪانگريس جي سربراپيءَ ۾ رهندي برن باس آفيس بلڊنگ اندر باضابطه مصروفيتن جو بندوبست ناهي ڪيو، ان دؤري ۾ نيشنل پريس ڪلب، واشنگٽن ڊي سي ۾ پريس ڪانفرنس ۽ ميڊيا جي مصروفيتن ۽ نيو جرسي ۾ ڪميونٽي ۽ پاليسي استقباليه به شامل هوندو. اميد آهي ته ان دؤري سان باقائده پارلياماني مٽاسٽا، بهتر قانونسازي ۽ سهڪار ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ پائيدار اداره جاتي ڀائيواري جو بنياد رکيو ويندو جيڪو گڏيل احترام، جمهوري اصولن ۽ ڊگهي مُدي واري اسٽريٽجڪ مصروفيتن تي ٻَڌل آهي.











