وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاران خوراڪ جي معيار، ڪولڊ چينز ۽ رمضان سپلاءِ مئنجمينٽ تي فوري قدمن جي هدايت

اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس گذريل ڏينهن منعقد ٿيو جنهن ۾ مهانگائيءَ جي رجحانن، ضروري شين جي دستيابي، قيمتن جي استحڪام ۽ خاص ڪري رمضان المبارڪ کان اڳ غذائي تحفظ کي مضبوط بنائڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيف اڪانومسٽ ڊاڪٽر امتياز احمد، پاڪستان بيورو …

اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس گذريل ڏينهن منعقد ٿيو جنهن ۾ مهانگائيءَ جي رجحانن، ضروري شين جي دستيابي، قيمتن جي استحڪام ۽ خاص ڪري رمضان المبارڪ کان اڳ غذائي تحفظ کي مضبوط بنائڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيف اڪانومسٽ ڊاڪٽر امتياز احمد، پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي چيف اسٽيٽيسٽيشن، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، اسلام آباد انتظاميه، صوبائي حڪومتن ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي نمائندن شرڪت ڪئي. انگن اکرن واري کاتي مهانگائي تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته ڊسمبر 2024ع ۾ 4.1 سيڪرو رهڻ واري هيڊ لائين مهانگائي ڊسمبر 2025ع ۾ وڌي 5.6 سيڪڙو ٿي وئي. سالياني بنيادن تي مهانگائي ۾ واڌ جو وڏو ڪارڻ گيس جي اگهن، سون جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ڪڻڪ، کير ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمتن ۾ واڌ رهي. ان جي ابتڙ پٽاٽي، ٽماٽي، بصر، چانهه، دالين، بجلي ۽ اسٽيشنري سميت ڪيترين ئي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان ڏٺو ويو. پي بي ايس ڊسيزن سپورٽ سسٽم آن انفليشن (ڊي ايس ايس آءِ) تحت ڊيٽا پيش ڪئي، جنهن مطابق ضروري غذائي شين جي قيمتن ۾ استحڪام بهتر ٿيو آهي. 2024ع ۽ 2025ع جي تقابلي جائزي ۾ ٻُڌايو ويو ته بصر ۽ پٽاٽي جهڙيون روزمره واريون شيون موجوده دؤر ۾ نسبتن گهٽ قيمت تي رهيون. گذريل هڪ سال ۾ 20 ڪلوگرام اٽي جو ٿيلهو تقريبن 1800 رپين مان وڌي 2146 رپيا ٿيو. جيتوڻيڪ مڱ جهڙين ڪجهه دالين ۾ معمولي لاهه چاڙهو رهيو، جڏهن ته مجموعي رجحان رمضان المبارڪ کان اڳ حساس قيمتن تي دٻاءُ ۾ گهٽتائيءَ طرف اشارو ڪري ٿو. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته ڪڻڪ جي پوکي جا هدف حاصل ڪيا ويا آهن ۽ فيبروري تائين مڪمل موسمي هدف پورو هئڻ جي اميد آهي، جنهن سان ملڪي غذائي تحفظ مضبوط ٿيندو. کنڊ ۽ ڪڪڙ جي قيمتون جيڪي سال جي شروعات ۾ وڌيون هيون، نمايان طور تي گهٽ ٿي چڪيون آهن. کنڊ جي قيمت 180 رپيا في ڪلو مان گهٽ ٿي تقريبن 150 رپيا في ڪلو تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ڪولڊ چينز مارڪيٽ جي لوڏن کي جذب ڪرڻ، فصل کانپوءِ فصلن جو نقصان گهٽ ڪرڻ ۽ طلب ۽ رسد ۾ توازن لاءِ اڻٽر آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس سان گڏجي عالمي بهترين طريقيڪار ۽ مراعتن جو جائزو وٺڻ جي به هدايت ڏني وئي. وفاقي وزير پولٽري، ڊيري ۽ جوس سيڪٽرز تي پاليسي ورڪنگ پيپرز تيار ڪرڻ جي هدايت ڏني ته جيئن ويليو ايڊيشن ۽ روانگي واپار کي هٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته بيضن جي روانگي واپار ۾ واڌ ٿي آهي جنهن سان بهتر پروسيسنگ، معيار جي خاطري ۽ مارڪيٽ تائين پهچ ذريعي وڌيڪ هٿي ڏيڻ گهرجي. هن خوراڪ جي معيار تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي گيهه جي تياري ۾ هارڊ آئل جي استعمال جو نوٽيس ورتو ۽ چيو ته ان سان دل جي مرضن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ان لاءِ خوراڪ جي معيار تي سختيءَ سان عملدآمد ضروري آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ٻُڌايو ته قومي غذائي ذخيرا مستحڪم آهن، ڪڻڪ ايندڙ 4 مهينن لاءِ وافر مقدار ۾ آهي ۽ ڪرشنگ سيزن سبب کنڊ جي دستيابي بهتر ٿي آهي. جڏهن ته رمضان دوران وڌيڪ طلب واريون آمدني واپار واريون شيون  خاص ڪري چڻا، کاڄرو تيل، کجور ۽ دالين جي سپلاءِ چينز هڪ هفتي ۾ بهتر بنائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن کوٽ يا ذخيرو اندوزي کان بچي سگهجي. اجلاس ۾ صوبن جي رمضان جي انتظامن جو به جائزو ورتو ويو ۽ صوبن کي پي بي ايس سان اسٽاڪ مانيٽرنگ ۾ سهڪار ۽ ڊي سيز کي ذخيره اندوزي ۽ منافع خوري خلاف اثرائتي ڪارروائيءَ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. هن ڊيٽا تي ٻَڌل پاليسي، وقت سر قدمن ۽ ساختي سڌارن ذريعي قيمتن جي استحڪام، غذائي تحفظ ۽ عوامي فلاح کي قومي منصوبا بندي جو مرڪزي ٿنڀ بنائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں