اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ لاجز جو دؤرو ڪيو ۽ تعمير هيٺ 104 اضافي فيملي سوئٽس منصوبي تي ڪم جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو. گهرو مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري به ان موقعي تي ساڻس گڏ هو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب مملڪتي وزير طلال چوڌري جاري منصوبن تي اسپيڪر کي بريفنگ ۾ ٻُڌايو ته پارليامينٽ لاجز ۾ 104 …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران پارليامينٽ لاجز جو دؤرو، تعمير هيٺ 104 اضافي فيملي سوئٽس منصوبي تي ڪم جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارليامينٽ لاجز جو دؤرو ڪيو ۽ تعمير هيٺ 104 اضافي فيملي سوئٽس منصوبي تي ڪم جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو. گهرو مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري به ان موقعي تي ساڻس گڏ هو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب مملڪتي وزير طلال چوڌري جاري منصوبن تي اسپيڪر کي بريفنگ ۾ ٻُڌايو ته پارليامينٽ لاجز ۾ 104 اضافي فيملي سوئٽس جي تعمير آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، هي منصوبو 2011ع ۾ شروع ٿيو هو جنهن کي اسيپڪر جي خاص ڪوشش سان ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي. اسپيڪر چيو ته ان منصوبي کي جلد پڄاڻيءَ تي پهچائڻ منهنجي اولين ترجيح آهي. پارليامينٽ جي ميمبرن کي درپيش رهائش جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ان منصوبي جي جلد تڪميل ضروري آهي. سردار اياز صادق جاري منصوبن تي سي ڊي اي کي تعميراتي معيار يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي ۽ منصوبو وقت سر مڪمل ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته سي ڊي اي جي مسلسل نگراني ۾ منصوبي تي ڪم وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. طلال چوڌري ان منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي خاطري ڪرائي ۽ فيملٽي سوئٽس جي تعمير ۾ اسپيڪر جي خاص دلچسپيءَ کي ساراهيو. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي وقتي سيڪريٽري سعيد احمد ميتله، ايڊوائيزر محمد مشتاق، گهرو وزارت ۽ سي ڊي اي جا اعليٰ عملدار به موجود هئا.











