سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير سان آمريڪي صدر جي سينيئر صلاحڪار جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

 رياض - 6 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد بن عبدالڪريم الخريجي سان رياض ۾ وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي عرب ۽ آفريقي معاملن بابت سينيئر صلاحڪار مسعد بولس جي آجيان ڪئي.پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو ۽ دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سياسي معاملن بابت پرڏيهي وزير …

 رياض – 6 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد بن عبدالڪريم الخريجي سان رياض ۾ وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي عرب ۽ آفريقي معاملن بابت سينيئر صلاحڪار مسعد بولس جي آجيان ڪئي.پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو ۽ دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سياسي معاملن بابت پرڏيهي وزير جي صلاحڪار شهزاده مصعب بن محمد الفرحان ۽ مملڪت ۾ آمريڪي سفارتخاني جي معاملن بابت ناظم ايليسن دلورٿ به موجود هو. ان کان علاوه سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير رياض ۾ فلسطيني ايوان صدر جي سرڪاري ترجمان نبيل ابورودينه سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ فلسطين جي سياسي ۽ انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جي عهديدار ڊاڪٽر منال بنت حسن رضوان به موجود هئي.

مزید خبریں