پنومه پنه- 6 جنوري(اي پي پي)ڪمبوڊيا جي گهرو وزارت اعلان ڪيو آهي ته ٿائيلينڊ سان تازو سرحدي تڪرار بعد بي گهر ٿيل ڪمبوڊيا جي شهرين جي اڪثريت پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي چڪي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت جي ترجمان ٽچ سوکاڪ مطابق هيستائين اٽڪل 68.4 سيڪڙو متاثر ماڻهو گهرن ڏانهن واپس وچي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته 6 لک 49 هزار 23 بي گهر ماڻهن مان 4 …
ڪمبوڊيا – ٿائيلينڊ جنگ بندي بعد اڪثر بي گهر ماڻهو گهرن ڏانهن واپس

مزید خبریں
پنومه پنه- 6 جنوري(اي پي پي)ڪمبوڊيا جي گهرو وزارت اعلان ڪيو آهي ته ٿائيلينڊ سان تازو سرحدي تڪرار بعد بي گهر ٿيل ڪمبوڊيا جي شهرين جي اڪثريت پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي چڪي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت جي ترجمان ٽچ سوکاڪ مطابق هيستائين اٽڪل 68.4 سيڪڙو متاثر ماڻهو گهرن ڏانهن واپس وچي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته 6 لک 49 هزار 23 بي گهر ماڻهن مان 4 لک 44 هزار 179 ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي اختيار ڪري ورتي آهي.ترجمان مطابق هن وقت به 2 لک 4 هزار 844 ماڻهو عارضي ڪيمپن ۾ ترسيل آهن، جن ۾ هڪ لک 8 هزار 466 عورتون ۽ 66 هزار 892 ٻار شامل آهن. واضع رهي ته ڪمبوڊيا ۽ ٿائيليند وچ ۾ ٽن هفتن تائين جاري هٿيار بند تڪرار بعد 27 ڊسمبر 2025ع تي فوري جنگ بندي تي اتفاق ڪيو ويو هو. ان تڪرار دوران ٻنهي ملڪن طرفان نقصان به ٿيو هو . اختيارين مطابق جنگ بندي بعد متاثر علائقن ۾ حالتون معمول طرف موٽي رهيون آهن ۽ بي گهر ماڻهن جي بحالي جو عمل جاري آهي.











