ٽوڪيو _ 6 جنوري (اي پي پي ) جاپان جي اولهه چوگوڪو ۾ گذريل ڏينهن 6.2 جي شدت جو زلزلو آيو جنهن بعد ڪيترائي آفٽر شاڪس به محسوس ڪيا ويا. جاپان جي موسميات کاتي مطابق زلزلي جي مرڪز جي شدت اوڀر علائقي ۾ هئي. پر سونامي جو ڪو خطرو ناهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته زلزلي جي شدت جاپان جي زلزلو پيماني تي مٿانهين درجي جي 5 رڪارڊ ڪئي وئي، …
جاپان جي چوگوڪو خطي ۾ 6.2 جي شدت جو زلزلو، سونامي جو ڪو خطرو ناهي

مزید خبریں
ٽوڪيو _ 6 جنوري (اي پي پي ) جاپان جي اولهه چوگوڪو ۾ گذريل ڏينهن 6.2 جي شدت جو زلزلو آيو جنهن بعد ڪيترائي آفٽر شاڪس به محسوس ڪيا ويا. جاپان جي موسميات کاتي مطابق زلزلي جي مرڪز جي شدت اوڀر علائقي ۾ هئي. پر سونامي جو ڪو خطرو ناهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته زلزلي جي شدت جاپان جي زلزلو پيماني تي مٿانهين درجي جي 5 رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا ايتري شديد هوندي آهي ته بنا سهاري جي حرڪت ڪرڻ مشڪل ٿي ويندي آهي. شيماني نيوڪليئر پاور اسٽيشن جي آپريٽر ڪمپني چوگوڪو اليڪٽرڪ پاور ٻڌايو ته پاور پلانٽ جو يونٽ نمبر 2 معمول مطابق ڪم ڪري رهيو آهي. جاپان جي ايٽمي ريگيوليٽري اٿارٽي مطابق زلزلي بعد ڪنهن به قسم جي بي قاعدگي سامهون ناهي آئي.واضع رهي ته شيماني نيوڪليئر پاور اسٽيشن جو يونٽ نمبر 2 ڊسمبر 2024ع ۾ ٻيهر فعال ڪيو ويو هو، جيڪو مارچ 2011ع ۾ فوڪوشيما جي تباهي جوڳي حادثي بعد بند ڪيو ويو. جاپان جي ايٽمي پاور پلانٽس مان هڪ هو، ٻئي پاسي جاپان جي ريلوي زلزلي سبب شنڪانسين بلٽ ٽرين سروس ڪوشن اوساڪا ۽ هاڪاتا وچ ۾ عارضي طور تي معطل ڪيو ويو آهي.











