برسلز - 6 جنوري (اي پي پي)يورپي يونين جي سربراهه ارسلاوان ڊيريلين هن هفتي دوران شام جو دورو ڪندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه يورپي يونين جي ترجمان ٻڌائي آهي. يورپي يونين جي سربراهه جو بشارالاسد جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد شام جو اهو پهريون دورو هوندو . هوءَ شام کان علاوه وچ اوڀر جي ڪجهه ٻين ملڪن لبنان ۽ اردن به ويندي. سندس اهو دورو انهن ڪوشش جو حصو …
يورپي يونين سربراهه شام جو دورو ڪندي

مزید خبریں
برسلز – 6 جنوري (اي پي پي)يورپي يونين جي سربراهه ارسلاوان ڊيريلين هن هفتي دوران شام جو دورو ڪندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه يورپي يونين جي ترجمان ٻڌائي آهي. يورپي يونين جي سربراهه جو بشارالاسد جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد شام جو اهو پهريون دورو هوندو . هوءَ شام کان علاوه وچ اوڀر جي ڪجهه ٻين ملڪن لبنان ۽ اردن به ويندي. سندس اهو دورو انهن ڪوشش جو حصو آهي جنهن تحت عالمي برادري چاهي ٿي ته جنگ سبب تباهه ٿيل ان ملڪ جي نئين سر سان تعمير ڪئي وڃي. نئين سر تعمير جي اها ڪوشش بشارالاسد جي حڪومت جي خاتمي بعد هڪ سال کان جاري آهي. احمد الشرح جي حڪومت عالمي امداد ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ سيڪيورٽي جي معاملن کي به بهتر ڪرڻ ۾ لڳل آهي، پر اڃان ملڪ ۾ فرقيوراڻي تشدد جي واقعن ۽ داعش جي حملن جي خطري کي رد نٿو ڪري سگهجي. خيال رهي يورپي يونين شام لاءِ فنڊنگ ڪندڙ اهم ڊونرز ۾ شامل آهي . جنهن شام تي لاڳو ڪيل پابندين کي واپس ورتو آهي. اهي پابنديون شام ۾ گهرو ويڙهه دوران لڳايون ويون هيون.











