يمن ۾ حضر موت جي واپسي، گورنر انتظامي فرضن جي شروعات ڪري ڇڏي

 صنعا_6 جنوري (اي پي پي) حضر موت جي گورنر سالم الّخنبشي پنهنجي واپسي ڪندي سيئون مان صوبائي انتظاميه جا فرض ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان کان اڳ الخبشي اعلان ڪيو هو ته ” هوم لينڊ شيلڊ “ فوج مڪلا جي ريان ايئر پورٽ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هوم لينڊ شيلڊ فوج جي ٽين بريگيڊ جي ڪمانڊر فهد بامن ۽ سندس فوج …

 صنعا_6 جنوري (اي پي پي) حضر موت جي گورنر سالم الّخنبشي پنهنجي واپسي ڪندي سيئون مان صوبائي انتظاميه جا فرض ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان کان اڳ الخبشي اعلان ڪيو هو ته ” هوم لينڊ شيلڊ “ فوج مڪلا جي ريان ايئر پورٽ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هوم لينڊ شيلڊ فوج جي ٽين بريگيڊ جي ڪمانڊر فهد بامن ۽ سندس فوج ريان ايئر پورٽ جي سيڪيورٽي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي . هن  چيو ته ريان ايئر پورٽ جي  محور تي مزاحمت ڪندڙ گروپن سان منهن ڏئي انهن کي ختم ڪيو ويو آهي . ” هوم لينڊ شيلڊ “ فوج آچر ڏينهن مڪلا شهر، ريان ايئر پورٽ ۽ ساموندي علائقن ۾ داخل ٿي وئي هئي . هن المهره ۾ عبوري ڪائونسل جي اڪثر فوج کان ڳرا هٿيار وصول ڪرڻ جي شروعات جو به اعلان ڪيو آهي. حضرموت جي ٻي ملٽري ريجن مڪلا شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۽ سمورن فوجي ۽ شهري ٺڪاڻن کي محفوظ بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو.

مزید خبریں