اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 200 رپين جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي، جنهن بعد في تولو سون 4 لک 67 هزار 962 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 200 رپين جي اضافي کان پوءِ في تولو سون 4 لک 67 هزار 962 رپيا ٿي …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 200 رپين جو اضافو رڪارڊ، في تولو سون 4 لک 67 هزار 962 روپين جو ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 200 رپين جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي، جنهن بعد في تولو سون 4 لک 67 هزار 962 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 200 رپين جي اضافي کان پوءِ في تولو سون 4 لک 67 هزار 962 رپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2743 رپين جي اضافي کان پوءِ 3 لک 98 هزار 458 رپين مان وڌي 4 لک هڪ هزار 201 رپيا ٿي وئي. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 65 هزار 266 رپين کان وڌي 3 لک 67 هزار 780 رپيا ٿي وئي آهي. آل سنڌ صرافه جيولرز رپورٽ ڪيو آهي ته في تولو چاندي جي قيمت 338 رپين جي واڌ بعد 8361 رپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 290 رپين جي واڌ بعد 7168 رپيا ٿي وئي آهي. رپورٽ مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4424 ڊالرن مان وڌي 4456 ڊلر ٿي وئي آهي.











