اسلام آباد - 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زرعي شعبي ۾ سڌارن ۽ آبادگارن کي عالمي سطح تي لاڳو طريقن کان متعارف ڪرائڻ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته زرعي شعبي ۾ ترقي جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، هن زرعي روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب …
وزيراعظم پاران زرعي شعبي ۾ سڌارن ۽ آبادگارن کي عالمي سطح تي لاڳو طريقن کان متعارف ڪرائڻ حڪومت جي اولين ترجيح قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زرعي شعبي ۾ سڌارن ۽ آبادگارن کي عالمي سطح تي لاڳو طريقن کان متعارف ڪرائڻ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته زرعي شعبي ۾ ترقي جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، هن زرعي روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار زرعي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ زرعي شعبي کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي حوالي سان جوڙيل نجي شعبي جي ماهرن تي ٻڌل ورڪنگ گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته زرعي شعبي ۾ سڌارن ۽ آبادگارن کي عالمي سطح تي لاڳو طريقن کان متعارف ڪرائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت زرعي شعبي ۾ پنهنجي دائره ڪار ۾ سڌارن سان گڏوگڏ صوبائي حڪومتن سان گڏجي زراعت جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ آبادگارن کي معياري ٻج، مناسب قيمت تي وقت سر ڀاڻ ۽ بيماري جي روڪٿام جي لاءِ دوائن جي فراهمي جي لاءِ قدم جاري آهن، زرعي جنسن جي پراسيسنگ سان برآمدات جي قابل شين جي تياري جي لاءِ پاليسي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تازو ئي چين ۾ سرڪاري خرچ تي هڪ هزار پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي زراعت جي جديد ٽيڪنالاجي جي تربيت جي لاءِ موڪليو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ ترقي جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، موجوده وسيلن ۾ رهندي زراعت جي ترقي جي لاءِ تحقيق تي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون ته جيئن في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ٿئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ماهيگيري، ميون ۽ انهن سان تيار ڪيل مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ قدم جاري آهن. هن هدايت ئي ته سامونڊي پٽيءَ تي پام آئل جي پيداوار جي لاءِ پاليسي قدم جوڙي پيش ڪيا وڃن ۽ ايندڙ 5 سالن ۾ زرعي روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وڃي. اجلاس ۾ چيئرمين ورڪنگ گروپ راڻا نسيم ۽ سندس ٽيم زرعي شعبي تي جامع رپورٽ پيش ڪندي ان کي درپيش مسئلن ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ملڪ ۾ ربيع ۽ خريف جي وڏين فصلن، انهن جي في ايڪڙ سراسري پيداوار، هارٽيڪچلر ۽ ميون جي پيداوار، ان جي برآمدات، ڊيري شعبي ۽ زراعت سان لاڳاپيل سمورن شعبن جو خطي ۽ عالمي سطح تي تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گهٽ مدي واري سڌاراجاتي فريم ورڪ تحت پاڪستان جي موجوده في ايڪڙ سراسري پيداوار کي موجوده وسيلن ۾ رهندي وڌايو ويندو، ان جي لاءِ وفاقي حڪومت معياري ٻج جي فراهمي ۽ پاليسي قدمن سان گڏوگڏ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان موثر ايڪسٽينشن سروسز ۽ آبادگارن کي جديد رخن تي زرعي طريقيڪار کان روشناس ڪرائيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته زرعي جنسن جي پراسيسنگ جي لاءِ وفاقي حڪومت سرٽيفڪيشن رجيم تي ڪم ڪندي جيڪا زرعي جنسن ۽ ان جي تيار ڪيل مصنوعات جي قدر ۾ اضافي کي يقيني بڻائي عالمي منڊين ۾ آبادگارن جي لاءِ منافعي ۾ اضافو ڪندي. اجلاس کي تحقيق جي ادارن ۾ سڌارن تي پڻ جامع حڪمت عملي پيش ڪئي وئي جيڪا نه رڳو موجوده فصلن جي پيداوار ۾ اضافو پر پاڪستان جي آبهوا ۽ زميني تاثير موجب نئين ۽ منافعو ڏيندڙ فصلن جي پوکيءَ جي حوصلا افزائي کي يقيني بڻائيندي. وزيراعظم ورڪنگ گروپ پاران تفصيلي بريفنگ کي ساراهيندي قابل عمل، موثر ۽ جامع روڊ ميپ تيار ڪري حڪومتي سڌارن جي سفارشن ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.











