نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم جي ملاقات

اسلام آباد - 06 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايراني سفير نائب وزيراعظم کي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاران نئين سال جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي نالي هڪ خط پڻ پهچايو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو. ملاقات دوران ايراني …

اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايراني سفير نائب وزيراعظم کي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاران نئين سال جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي نالي هڪ خط پڻ پهچايو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو. ملاقات دوران ايراني سفير مختلف ٻطرفي اداراجاتي مڪينزم تحت تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ اڳڀرائي کان نائب وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم اهم ترجيحي شعبن ۾ ايران سان رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں