سيڪيورٽي ادارن وقت سر ڪارروائي ڪري ڪراچيءَ کي وڏي نقصان کان بچائي ورتو، دهشتگردن جو هر هنڌ پيڇو ڪيو ويندو: شر جيل انعام ميمڻ

ڪراچي -05 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ ۽ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ دهشتگرديءَ جي هڪ وڏي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي ادارن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته اسان جي پوليس، سيڪيورٽي فورسز ۽ ڳجها ادارا انتهائي چوڪس آهن. دهشتگردن خلاف اها ٻي وڏي ڪاميابي آهي، ان کان اڳ دهشتگردن هڪ ٻارڙيءَ کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي …

ڪراچي -05 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ ۽ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ دهشتگرديءَ جي هڪ وڏي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي ادارن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته اسان جي پوليس، سيڪيورٽي فورسز ۽ ڳجها ادارا انتهائي چوڪس آهن. دهشتگردن خلاف اها ٻي وڏي ڪاميابي آهي، ان کان اڳ دهشتگردن هڪ ٻارڙيءَ کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ کيس آپگهاتي جيڪٽ ڏئي بمبار بڻائڻ جي سازش ڪئي هئي. ايس آءِ ڊي پاران جاري پريس پڌرائي موجب هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته تازي ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، جنهن سان تمام وڏي تباهي ٿي سگهي پئي، پر اسان جي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي ان خطرناڪ منصوبي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته اسان انهن سمورن ادارن ۽ اهلڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن هن سازش کي ناڪام بڻايو ۽ ملڪ کي هڪ وڏي سانحي کان بچايو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي دشمن ملڪن کي هر محاذ تي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ اهي نٿا چاهين ته پاڪستان ۾ امن ۽ ترقي ٿئي. شديد ناڪامين کانپوءِ، ڀارت ۽ افغانستان جهڙن ملڪن پاران پراڪسي دهشتگردن کي استعمال ڪيو پيو وڃي، ته جيئن پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري سگهجي. هن پوري عمل ۾ ڀارت جو مرڪزي ڪردار آهي ۽ افغانستان جي سرزمين کي به ڀارت پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان خلاف سڌي سنئين جنگ نٿو وڙهي سگهي، ان ڪري هو پراڪسين جو سهارو وٺي رهيو آهي. ڀارت ڄاڻي ٿو ته تازي عرصي ۾ کيس جنگ ۾ عبرتناڪ شڪست ملي هئي، جنهن ڪري هو دنيا ۾ منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهي رهيو. هاڻي هو پراڪسين ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي ترقيءَ جو رستو روڪي سگهجي ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي جنهن سان عالمي سطح تي پاڪستان کي نقصان پهچي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سفارتي سطح تي ۽ هر محاذ تي ان معاملي کي اثرائتي نموني اٿاريو آهي. جڏهن به پاڪستان خلاف جارحيت ڪئي وئي، پاڪستان ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. جڏهن به سرحد پار کان دهشتگردي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پاڪستان دشمن کي ڀرپور جواب ڏئي سبق سيکاريو. سنڌ جي سينيئر وزير جو چوڻ هو ته بارڊر سيڪيورٽي اڳ کان وڌيڪ بهتر آهي. پاڪستان انهن ملڪن سان به ڳالهيون ڪري رهيو آهي جتي ويهي پاڪستان خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن، ته جيئن انهن عنصرن کي سختيءَ سان روڪيو وڃي. پاڪستان سفارتي پليٽ فارمن کي به استعمال ڪيو آهي ۽ جڏهن به ضرورت پئي، پنهنجي حق مطابق عملي قدم پڻ کنيا آهن ۽ اڳتي به کڻندو رهندو.