نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چين جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو

اسلام آباد - 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ پاڪ – چين پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ستين دور جي ڪامياب تڪميل کانپوءِ واپس اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2026ع ۾ چين جو دورو ڪندڙ پهرين غيرملڪي شخصيت هو جنهن چيني پرڏيهي وزير وانگ يي …

اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ پاڪ – چين پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ستين دور جي ڪامياب تڪميل کانپوءِ واپس اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 2026ع ۾ چين جو دورو ڪندڙ پهرين غيرملڪي شخصيت هو جنهن چيني پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي دورو ڪيو. اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهري لاڳاپن ۽ گڏيل اعتماد جو مظهر هو. اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ دوران ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جامع جائزو ورتو ويو. ڌرين واپار، سيڙپڪاري، زراعت، صنعت، رابطاڪاري ۽ ٻين ترقياتي شعبن ۾ تعاون سميت پنهنجي سدا بهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڊائيلاگ جي گڏيل صدارت کانسواءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيني قيادت ۽ اعليٰ عملدارن سان ڪارائتيون ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون جن ۾ گڏيل مفادن جي فروغ، علائقائي استحڪام ۽ مستقبل تي ٻڌل حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جي توثيق ڪئي وئي.

مزید خبریں