وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس منعقد

شيخو پوره -05 جنوري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سڄي ضلعي جي اسيمبلي ميمبرن، اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن سميت  ڊپٽي ڪمشنر شيخو پوره،  ڊي پي او ۽ ٻين سمورن کاتن جي سربراهن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر  وفاقي وزير کي سڄي ضلعي ۾ …

شيخو پوره -05 جنوري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سڄي ضلعي جي اسيمبلي ميمبرن، اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن سميت  ڊپٽي ڪمشنر شيخو پوره،  ڊي پي او ۽ ٻين سمورن کاتن جي سربراهن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر  وفاقي وزير کي سڄي ضلعي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي تاريخي پروگرامز  هاري ڪارڊ، همت ڪارڊ، منيارٽي ڪارڊ سميت ٻين حڪومتي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڊپٽي ڪمشنر اسپتالن ۾ عوام کي طبي سهولتن جي فراهمي، صفائي سٿرائي، رنگ روغن سميت ٻين منصوبن تي به بريفنگ ڏني. وفاقي وزير  اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته عوامي ڀلائي جي اسڪيمن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي، سمورا کاتا عوام کي بهترين سروس ڊليوري مهيا ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ رابطو رکن. هن چيو ته سمورن کاتن جا سربراهه حڪومتي قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. ترقياتي منصوبن ۾ مٽيريل جي معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيڻ گهرجي. ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ هئڻ گهرجي، هن  چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ خرچ ٿيندڙ پئسو عوام جي امانت آهي، ضلع کي هڪ مثالي ضلعو بڻائينداسين، عوامي مسئلن جو حل ترجيحي بنيادن تي ڪيو ويندو.

مزید خبریں