لاهور -05 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي وچ پنجاب جي قيادت قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگره جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏنل ايٽمي پروگرام عيوض پاڪستان اڄ پرڏيهي جارحيت کان محفوظ آهي. اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو …
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏنل ايٽمي پروگرام عيوض ملڪ اڄ پرڏيهي جارحيت کان محفوظ آهي: راجه پرويز اشرف

مزید خبریں
لاهور -05 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي وچ پنجاب جي قيادت قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگره جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏنل ايٽمي پروگرام عيوض پاڪستان اڄ پرڏيهي جارحيت کان محفوظ آهي. اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي پاڪستان جو پهريون متفقه آئين ڏنو، جنهن ملڪ کي جمهوري بنيادن تي مضبوط ڪيو. هن چيو ته ڀٽو عام ماڻهو کي سڃاڻپ، ووٽ جو حق ۽ ڳالهائڻ جي طاقت ڏني، جڏهن ته سندس ڏنل ايٽمي پروگرام عيوض پاڪستان اڄ پرڏيهي جارحيت کان محفوظ آهي، راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته قائد عوام هر قسم جي آمريت، ڏاڍ ۽ غير جمهوري قوتن آڏو ڄمي بيٺو رهيو ۽ سندس سياست عوامي حاڪميت، جمهوريت ۽ سماجي انصاف تي ٻڌل هئي، هن عوام کي اپيل ڪئي ته ڀٽو جي سالگره تي پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ بڻائڻ جو عهد ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي وچ پنجاب جي سيڪريٽري جنرل حسن مرتضيٰ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عهد ساز شخصيت ۽عظيم اڳواڻ هو، ڀٽو متفقه آئين ڏئي مضبوط وفاق جو بنياد رکيو ۽ عوام کي شعور ڏنو، حقن ۽ خودداري جو درست پڻ ڏنو.











