ڀارتي وفد طرفان جنازي نماز ۾ شرڪت کان روڪڻ جي خبر بي بنياد آهي: قومي اسيمبلي جو ترجمان

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان، ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي پارلياماني صحافين سان ڳالهين کي حقيقتن کان هٽي ڪري رپورٽ ۽ نشر ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان، واضح ڪيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي ڳالهين ۾ ڀارتي وفد طرفان کين بيگم خالده ضيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت کان زبردستي روڪڻ بابت …

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان، ميڊيا جي ڪجهه حصن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي پارلياماني صحافين سان ڳالهين کي حقيقتن کان هٽي ڪري رپورٽ ۽ نشر ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان، واضح ڪيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي ڳالهين ۾ ڀارتي وفد طرفان کين بيگم خالده ضيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت کان زبردستي روڪڻ بابت ڪا به ڳالهه نه ڪئي. ترجمان واضح ڪيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر جنهن بس ۾ هو ساڳئي ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر به موجود هو ۽ ٻين ملڪن جا وفد به هئا، جنازي گاهه پهچڻ تي هن، بنگالي عوام سان گڏ جنازي نماز ادا ڪئي. ڀارتي وفد طرفان هن کي روڪڻ جو ڪو واقعو پيش نه آيو، ميڊيا کي ان حوالي سان ذميواري ۽ پروفيشنل ازم جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ها.

مزید خبریں