اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي. پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت دوران شديد ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي. پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت دوران شديد ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد ٿڌ ۽ جهڙالي رهي، جڏهن ته مري ۾ هڪ ملي ميٽر برسات ۽ هلڪي برفباري رڪارڊ ڪئي وئي. پنجاب، هيٺاهين خيبر پختونخوا ۽ مٿانهين سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانيل رهيو. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 10، اسڪردو ۾ ڪاٽو 07، ڪالام ۾ ڪاٽو 06، استور ۾ ڪاٽو 04، پاراچنار، گوپس، مالم جبه ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 03 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











