وزيراعظم شهباز شريف جي بنگلاديش هاءِ ڪميشن آمد، بنگلاديشي ناظم الامور سان خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد - 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي چيئرپرسن بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ بنگلاديش جي هاءِ ڪميشن ويو جتي هن بنگلاديش جي ناظم الامور سان خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …

اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي چيئرپرسن بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ بنگلاديش جي هاءِ ڪميشن ويو جتي هن بنگلاديش جي ناظم الامور سان خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجو تعزيتي بيان لکيو جنهن ۾ هن بيگم خالده ضياءَ کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي کيس هڪ بصيرت انگيز اڳواڻ ۽ ناليواري سياسي شخصيت قرار ڏنو جنهن پنهنجي زندگي عوامي خدمت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. بيگم خالده ضياءَ کي پاڪستان ۽ ان جي عوام جي مخلص دوست ۽ خيرخواهه جي طور تي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته هن لازوال ۽ متاثر ڪندڙ ميراث  ڇڏي آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران وزيراعظم شهباز شريف بيگم خالده ضياءَ جي گهرڀاتين، سندس پارٽي جي ڪارڪنن ۽ بنگلاديش جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.

مزید خبریں