ڀارت ستن ڏهاڪن کان ڪشميرين کي خوداراديت واري حق  کان محروم رکيو آهي: سينيٽ چيئرمين  سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد -05 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني  ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته 5 جنوري 1949ع هڪ تاريخي ڏينهن آهي، جڏهن گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان  بابت ڪميشن  ڄمون ڪشمير جي عوام جي ان ناقابل واپسي  ۽ بنيادي حق کي باضابطا طور تسليم ڪيو ته هو پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪن. ستن ڏهاڪن کان  …

اسلام آباد -05 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني  ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته 5 جنوري 1949ع هڪ تاريخي ڏينهن آهي، جڏهن گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان  بابت ڪميشن  ڄمون ڪشمير جي عوام جي ان ناقابل واپسي  ۽ بنيادي حق کي باضابطا طور تسليم ڪيو ته هو پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪن. ستن ڏهاڪن کان  ڀارت ڪشميري عوام کي سندن عالمي طور تي تسليم حق خوداراديت واري حق کان محروم رکيو پيو اچي، عالمي برادري ان مسئلي جي حل لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته گڏيل قومن جو اهو ٺهراءُ ڄمون ڪشمير مسئلي جي عالمي حيثيت جو بنياد آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته اهو مسئلو  اڄ به عالمي برادري جي ايجنڊا تي موجود آهي. ستن ڏهاڪن کان ڀارت ڪشميري عوام کي سندن عالمي طور تي تسليم ٿيل خوداراديت واري حق کان محروم رکيو پيو اچي.  هن چيو ته ڀارت غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ آبادي  جي شرح کي تبديل ڪرڻ لاءِ منظم ڪوششون ڪري رهيو آهي جن جو مقصد ڪشميري سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ آهي، اهي قدم عالمي قانونن ۽ بنيادي انساني قدرن جي سنگين ڀڃڪڙي برابر آهن. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت پاران کنيل هڪ طرفا غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روح کي سخت نقصان پهچايو ۽ خطي کي وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار بڻايو. هن نشاندهي ڪئي ته والاريل ڪشمير ۾ 10 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج جي موجودگي ۽ جاري ڏاڍ ۽ تشدد اتي  ٿيندڙ  سنگين انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي واضح عڪاسي آهي.  سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته روزاني جي بنياد تي ٿيندڙ ظلم ذريعي ڪشميري عوام جي جائز آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش جاري آهي، جڏهن ته سندن جرئت ۽ جدوجهد اڄ به ثابت قدم آهي. پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي سينيٽ چيئرمين  چيو ته پاڪستان حڪومت هميشه ڪشمير  مسئلي جي منصفاڻي، پائيدار ۽ پرامن حل جي حمايت ڪئي آهي جيڪو 5 جنوري 1949ع جي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن جي مطابق هجي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ۽ ڪشمير عوام کي انهن جي واعدي خودارايت واري حق ڏيارڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري.

مزید خبریں