گهرو معاملن واري وفاقي وزير  محسن نقوي پاران شنگهائي جي اسپيشل پوليس فورس بيورو جو دورو

شنگهائي -05 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير  محسن نقوي چين جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ شنگهائي جي اسپيشل پوليس فورس بيورو جو دورو ڪيو. چيف آف ڪمانڊنگ سينٽر اسپيشل پوليس فورس بيورو زياو  گهرو وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. گهرو وزير کي شنگهائي اسپيشل پوليس فورس بيورو بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير فورس جي استعمال هيٺ اي پي سي، بم ڊسپوزل يونٽ  …

شنگهائي -05 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير  محسن نقوي چين جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ شنگهائي جي اسپيشل پوليس فورس بيورو جو دورو ڪيو. چيف آف ڪمانڊنگ سينٽر اسپيشل پوليس فورس بيورو زياو  گهرو وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. گهرو وزير کي شنگهائي اسپيشل پوليس فورس بيورو بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير فورس جي استعمال هيٺ اي پي سي، بم ڊسپوزل يونٽ  جي اوزارن ۽ جديد هٿيار ڏٺا.  هن  جديد ترين واٽر ڪينن ۽ ٻين اوزارن جو به معائنو ڪيو. گهرو وزير اسپيشل فورس جي پيشيواراڻي مهارت ۽ تربيت جو عملي مظاهرو به ڏٺو. هن شنگهائي اسپيشل پوليس فورس پاران مارشل آرٽ جو مظاهرو به ڏٺو. گهرو وزير شنگهائي اسپيشل پوليس فورس کي جديد گهرجن وارو بڻائڻ واري نظام جي تعريف ڪندي چيو ته شنگهائي اسپيشل پوليس فورس ۽ اسلام آباد پوليس فورس وچ ۾ گڏيل سهڪار کي مضبوط بڻايو ويندو. شنگهائي اسپيشل پوليس فورس جي تربيت جو اعليٰ معيار قابل تحسين آهي. ان موقعي تي وفاقي گهرو  سيڪريٽري محمد خرم آغا، آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي ۽چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنڌاوا  به ساڻس گڏ هئا.

مزید خبریں