ڪشميري عوام جي جدوجهد جو حتمي هدف تڪميل پاڪستان آهي: آزاد ڪشمير جو وزيراعظم

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ چيو آهي ته ڪشميري عوام جي جدوجهد جو حتمي هدف تڪميل پاڪستان آهي، گڏيل قومون ڪشميرين سان ڪيل خوداراديت واري حق جو وعدو پورو ڪن. خوداراديت واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير  ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام جي حمايت کان ڪڏهن به …

اسلام آباد-05 جنوري (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ چيو آهي ته ڪشميري عوام جي جدوجهد جو حتمي هدف تڪميل پاڪستان آهي، گڏيل قومون ڪشميرين سان ڪيل خوداراديت واري حق جو وعدو پورو ڪن. خوداراديت واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير  ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام جي حمايت کان ڪڏهن به هٿ نه کڻندو. ڀارتي فوج انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري هزارين ڪشميري عورتون، ٻار ۽ نوجوان شهيد ٿي چڪا آهن. عالمي ادارا ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي آزاداڻي جاچ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد ڪاميابي تائين جاري رهندي.

مزید خبریں