بيجنگ - 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستاني سفارتخاني ۾ چين جي عالمي ترقياتي تعاون ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين چن شيائو ڊونگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سماجي ۽ معاشي ترقي جي شعبي ۾ تعاون جو جائزو ورتو ويو، پاڪستان جي ترقي ۾ (سي آءِ ڊي سي اي) جي ڪردار ۽ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين چن شيائو ڊونگ سان ملاقات

مزید خبریں
بيجنگ – 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستاني سفارتخاني ۾ چين جي عالمي ترقياتي تعاون ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين چن شيائو ڊونگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سماجي ۽ معاشي ترقي جي شعبي ۾ تعاون جو جائزو ورتو ويو، پاڪستان جي ترقي ۾ (سي آءِ ڊي سي اي) جي ڪردار ۽ خدمتن کي ساراهيو ويو ۽ تعليم، خلائي فتح، عوامي ڀلائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، جن ۾ پاڪستان – چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي فليگ شپ قدم به شامل آهن.











