اسلام آباد - 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو اسان جي عهد جو هڪ سنگين الميو آهي ڇو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام مسلسل منظم ڏاڍ، انساني حقن جي وسيع پئماني تي خلاف ورزين ۽ پنهنجي بنيادي حقن ۽ وقار جي پائمالي کي منهن ڏئي …
ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو اسان جي عهد جو هڪ سنگين الميو آهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو اسان جي عهد جو هڪ سنگين الميو آهي ڇو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام مسلسل منظم ڏاڍ، انساني حقن جي وسيع پئماني تي خلاف ورزين ۽ پنهنجي بنيادي حقن ۽ وقار جي پائمالي کي منهن ڏئي رهي آهي. خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا، اسان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي حمايت جي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته هي ڏينهن 1949ع تي گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت ڪيمشن جي ان تاريخي قرارداد جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جنهن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي لاءِ هڪ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي باقاعده ضمانت ڏني هئي. اهو وچن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن ۾ لکيل آهي ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هر سال خودمختياري جي هق جي حمايت ۾ پنهنجي قراردادن جي ذريعي ان جي توثيق ڪري ٿي. هن چيو ته عالمي خودمختياري جي حق واري قانون کي گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل هڪ بنيادي اصول جي طور تي تسليم ڪري ٿو. جڏهن ته ڀارت گذريل 7 ڏهاڪن کان ڪشميري عوام کي ان حق کان محروم رکيو آهي. ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو اسان جي عهد جو هڪ سنگين الميو آهي، ڇو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام مسلسل منظم ڏاڍ، انساني حقن جي وسيع پئماني تي خلاف ورزين ۽ پنهنجي بنيادي حقن ۽ وقار جي پائمالي کي منهن ڏئي رهي آهي. خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع جا ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم علائقي جي آبادياتي تناسب کي تبديل ڪري غيرقانوني قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي هڪ سوچيل سمجهيل ڪوشش آهن. انهن قدمن جو مقصد عالمي قانون ۽ خودمختياري جي حق جي اصولن جي واضح خلاف ورزي ڪندي ڪشميري عوام کي انهن جي پنهنجي ملڪ ۾ منظم طريقي سان هڪ بي اختيار برادري ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ڏهاڪن کان ڏاڍ ۽ وڏين قربانين جي باوجود، ڪشميري عوام خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ثابت قدم رهي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته اسان انهن جي اڻٿڪ حوصلي، همٿ ۽ جرئت کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ان موقعي تي پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ان وقت تائين پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو جيستائين اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پنهنجي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل نه ٿا ڪري وٺن. پاڪستان عالمي برادري، خاص طور تي گڏيل قومن کان به مطالبو ڪري ٿو ته اهي ڪشميري عوام سان ڪيل پنهنجي پراڻي واعدي کي پورو ڪن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.











