وزيراعظم پاران جامعه اشرفيه لاهور جي مهتمم اعليٰ ۽ شيخ الحديث حافظ فضل الرحيم اشرفي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جامعه اشرفيه لاهور جي مهتمم اعليٰ ۽ شيخ الحديث حافظ فضل الرحيم اشرفي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته حافظ فضل الرحيم اشرفي هڪ وڏو عالم دين، ناليوارو محدث ۽ ديني تعليم جي فروغ …

اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جامعه اشرفيه لاهور جي مهتمم اعليٰ ۽ شيخ الحديث حافظ فضل الرحيم اشرفي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته حافظ فضل الرحيم اشرفي هڪ وڏو عالم دين، ناليوارو محدث ۽ ديني تعليم جي فروغ ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عظيم شخصيت هو، هن پنهنجي پوري زندگي قرآن ۽ سنت جي تعليم، ديني قدرن جي فروغ ۽ اخلاقي تربيت جي لاءِ وقفي ڪري ڇڏي هئي جنهن سان بي شمار شاگردن ۽ شاگردياڻين فائدو کنيو. وزيراعظم چيو ته مرحوم جي علمي ۽ ديني خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو ۽ سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال وڏي عرصي تائين ڀرجي نه سگهندو. وزيراعظم مرحوم جي گهرڀاتين، جامعه اشرفيه جي انتظاميا، استادن، شاگردن ۽ عقيدتمندن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.

مزید خبریں