بيجنگ - 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چائنا من ميٽلز ڪارپوريشن جي وفد ملاقات ڪئي، وفد جي قيادت نائب صدر شو جي چنگ ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۾ ايم سي سي جي جاري ۽ ايندڙ منصوبن تي ڪارائتي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چائنا من ميٽلز ڪارپوريشن جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
بيجنگ – 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چائنا من ميٽلز ڪارپوريشن جي وفد ملاقات ڪئي، وفد جي قيادت نائب صدر شو جي چنگ ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۾ ايم سي سي جي جاري ۽ ايندڙ منصوبن تي ڪارائتي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ ويليو ايڊيڊ صنعتي ترقي جي لاءِ ايم سي سي جي ڪردار جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.











