نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو بيجنگ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جو دورو

بيجنگ - 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سفارتخاني جي رنگ روغن ۽ عوامي جاين جو معائنو ڪيو، جتي روايتي ۽ جديد طرز تعمير جو خوبصورت امتزاج نظر اچي ٿو. آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه دوران هن چين ۾ رهندڙ پاڪستانين کي قونصلر خدمتن …

بيجنگ – 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سفارتخاني جي رنگ روغن ۽ عوامي جاين جو معائنو ڪيو، جتي روايتي ۽ جديد طرز تعمير جو خوبصورت امتزاج نظر اچي ٿو. آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه دوران هن چين ۾ رهندڙ پاڪستانين کي قونصلر خدمتن جي فراهمي، انهن جي معاونت ۽ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ سفارتخاني جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي ۽ سفارتخاني جي ٽيم جي لڳاءُ ۽ محنت کي ساراهيو.

مزید خبریں