نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو چين جو تازو دورو معمول جي سفارتڪاري نه آهي: رشيد صافي

اسلام آباد - 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو چين جو تازو دورو معمول جي سفارتڪاري نه آهي پر هڪ واضح اسٽريٽجڪ اڳڀرائي آهي، اهو دورو اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن پاڪستان ۽ چين پنهنجي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ڪرڻ وڃي رهيا آهن ۽ ٻئي ملڪ مستقبل جي لاءِ گڏيل رخ جو تعين ڪرڻ چاهين ٿا. عالمي ۽ …

اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو چين جو تازو دورو معمول جي سفارتڪاري نه آهي پر هڪ واضح اسٽريٽجڪ اڳڀرائي آهي، اهو دورو اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن پاڪستان ۽ چين پنهنجي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ڪرڻ وڃي رهيا آهن ۽ ٻئي ملڪ مستقبل جي لاءِ گڏيل رخ جو تعين ڪرڻ چاهين ٿا. عالمي ۽ چيني معاملن جي ماهر رشيد صافي اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ستين پاڪ چين پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته پاڪستان ۽ چين سياسي اعتماد، معاشي تعاون ۽ سلامتي جي معاملن کي هڪ جامع فريم ورڪ ۾ اڳتي وڌائي رهيا آهن. رشيد صافي چيو ته اسحاق ڊار ۽ سندس چيني هم منصب وانگ اي جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات غيرمعمولي اهميت رکندڙ هئي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي مڪمل اتفاق ڪيو ته پاڪ چين دوستي خطي جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته ان دوري جو مرڪزي محور سي پيڪ جو ٻيو مرحلو هو. پهرين مرحلي ۾ توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جو بنياد رکيو ويو جڏهن ته  هاڻي فيز ٽو صنعتي ترقي، روانگي واپار، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ روزگار جي موقعن تي مرڪوز آهي. پاڪستان چيني قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ته خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پاليسي تسلسل، انتظامي سهولت ۽ مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. چين پاڪستان جي تياري ۽ سنجيدگي کي ساراهيندي صنعتي تعاون وڌائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. رشيد صافي وڌيڪ چيو ته علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ هم آهنگي نظر آئي. افغانستان جي صورتحال، علائقائي استحڪام ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون تي اتفاق ٿيو. ٻنهي ملڪن جو گڏيل موقف آهي ته خطي ۾ امن کانسواءِ معاشي ترقي ممڪن نه آهي ۽ دهشتگردي جي خلاف گڏيل جدوجهد لازمي آهي. هن چيو ته پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه رڳو هڪ علامتي موقعو نه آهي پر مستقبل جي منصوبابندي جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. 2026ع دوران گڏيل نمائشون، سيڙپڪاري فورمز، ثقافتي تقريبون ۽ تعليمي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين نسل تائين منتقل ڪندا. پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ چيني وزير وانگ اي پاران سالگرهه جي لوگو جي رونمائي انهي سلسلي جي علامت آهي. رشيد صافي چيو ته اقتصادي تعاون جي حوالي سان به ٺوس اشارا مليا آهن. واپار، مالياتي تعاون، زراعت، معدنيات، قابل تجديد توانائي ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جهڙا شعبا مستقبل جي ترجيحن ۾ شامل آهن. پاڪستان جي ڪوشش آهي ته چيني صنعتون پاڪستان منتقل ٿين ته جيئن مقامي پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿئي. رشيد صافي  چيو ته ان دوري واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪ چين لاڳاپا هڪ نئين ۽ وڌيڪ عملي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن. سي پيڪ فيز ٽو، بي آر آءِ جو جديد رخ ۽ مضبوط سيڪيورٽي تعاون پاڪستان جي معاشي ۽ اسٽريٽجڪ رخ تمعين ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد بدستور جاري آهي ۽ اهو ئي اعتماد خطي جي امن ۽ ترقي جو بنياد بڻجندو.

مزید خبریں