اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) چائنا انٽرنيشنل پريس اينڊ ڪميونيڪيشن سينٽر جي ميڊيا فيلو محمد ضمير اسدي چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چين جو تازو دورو غير معمولي اهميت وارو آهي. گذريل ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪ - چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ان دوري جي علامتي ۽ عملي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي. …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي چين جي دوري سان عالمي سطح تي پاڪستان جي هاڪاري سفارتي ڪردار کي هٿي ملندي: محمد ضمير اسدي

مزید خبریں
اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) چائنا انٽرنيشنل پريس اينڊ ڪميونيڪيشن سينٽر جي ميڊيا فيلو محمد ضمير اسدي چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چين جو تازو دورو غير معمولي اهميت وارو آهي. گذريل ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪ – چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ان دوري جي علامتي ۽ عملي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي. ان دوري دوران اعليٰ سطحي ملاقاتن ۽ گڏيل صلاح مشوري ان ڳالهه جي توثيق ڪئي آهي ته ٻئي ملڪ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن لاءِ هڪ جهڙي سوچ رکن ٿا. هن چيو ته چين جي دوري دوران اقتصادي سهڪار، سي پيڪ جي ٻئين مرحلي، واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هم آهنگي جهڙا اهم نڪتا بحث هيٺ آيا. هن چيو ته چين جي قيادت طرفان پاڪستان سان ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ٻنهي ملڪن جي دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان دوري جا ثمر اقتصادي استحڪام، علائقائي سهڪار ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ اضافي جي صورت ۾ نمايان ٿيندا.











