شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون خدمتون قومي تاريخ جو روشن باب آهن: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد-05 ڊسمبر(اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98 هين سالگره جي موقعي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون خدمتون قومي تاريخ جو روشن باب آهن جن تي اڄ به سڄي قوم فخر ڪري ٿي. سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت کي هٿي …

اسلام آباد-05 ڊسمبر(اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98 هين سالگره جي موقعي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون خدمتون قومي تاريخ جو روشن باب آهن جن تي اڄ به سڄي قوم فخر ڪري ٿي. سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت کي هٿي ڏيڻ، انساني حقن جي فراهمي ۽ عوامي بالادستي لاءِ نه وسارڻ جوڳيون خدمتون انجام ڏنيون. سندس قيادت ۾ قوم کي پاڪستان جو اتفاق راءِ وارو آئين مليو، جنهن وفاق کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو. هن چيو ته وطن جي دفاع کي نه فتح ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ شهيد ڀٽو جي اختيار ڪيل اثرائتي حڪمت عملي تحت پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائڻ جو بنياد رکڻ جو تاريخي فيصلو قومي سلامتي جي ضمانت ثابت ٿيو، جنهن سبب پاڪستان اڄ دشمن جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عوام دوست سوچ ۽ سياسي بصيرت اسان لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته سندس فڪر تي عمل ڪري اسان غريبن، هارين، مزدورن ۽ عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪري بااختيار بڻائي سگهون ٿا، جڏهن ته اقليتن کي مڪمل تحفظ ۽ برابر حقن جي فراهمي ذريعي ملڪ ۾ هم آهنگي ۽ خوشحالي کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته انهن اصولن تي عمل سان نه رڳو قومي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو پر پاڪستان کي اسرندڙ ملڪن جي صف ۾ به آڻي سگهجي ٿو. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي ثابت ڪيو ته پاڪستان ۾ عورتن ۾ قيادت ۽ هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته شهيد ڀٽو جي سياسي ميراث کي صدر مملڪت آصف علي زرداري جمهوري روايتن کي مضبوط ڪندي اڳتي وڌايو، جنهن صدر هجڻ باوجود پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪري جمهوريت جي بالادستي کي يقيني بڻايو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۾ اهي سموريون اڳواڻي واريون صلاحيتون موجود آهن جيڪي نوجوان نسل جي اثرائتي قيادت لاءِ اڻٽر آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوريت جي استحڪام، عورتن جي حقن ۽ غريب عوام جي ڀلائي لاءِ جيڪي بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، انهن جو مثال تاريخ ۾ گهٽ ملي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسانکي پنهنجي قيادت ۽ سندن مشن تي فخر آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمتن، جمهوري قدرن ۽ سماجي انصاف جي سفر کي هر حال ۾ جاري رکندي.

مزید خبریں