اسلام آباد-05 جنوري(اي پي پي)پاڪستان استاڪ مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي، 100 انڊيڪس 2634 کان وڌيڪ پوائنٽس جي نمايان اضافي سان هڪ لک 81 هزار پوائنٽس جي اهم نفسياتي حد پار ڪري ويو . تفصيل موجب واپاري سرگرمين جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ 100 انڊيڪس وڌيڪ وڌندي تاريخي بلند ترين سطح 181،669 پوائنٽس تائين پهچي ويو جيڪو مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جي وڌندڙ اعتماد ، مثبت معاشي اهڃاڻن ۽ پاليسي تسلسل جو مظهر آهي. …
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي تيزي، 100 انڊيڪس 2634 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 81 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد پار ڪري ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جنوري(اي پي پي)پاڪستان استاڪ مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي، 100 انڊيڪس 2634 کان وڌيڪ پوائنٽس جي نمايان اضافي سان هڪ لک 81 هزار پوائنٽس جي اهم نفسياتي حد پار ڪري ويو . تفصيل موجب واپاري سرگرمين جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ 100 انڊيڪس وڌيڪ وڌندي تاريخي بلند ترين سطح 181،669 پوائنٽس تائين پهچي ويو جيڪو مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جي وڌندڙ اعتماد ، مثبت معاشي اهڃاڻن ۽ پاليسي تسلسل جو مظهر آهي. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ غير معمولي تيزي رڪارڊ ٿي هئي جڏهن 100 انڊيڪس 2679 پوائنٽس جي اضافي سميت پهريون ڀيرو 179،034 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو، ماهرن موجب مقامي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن پاران ڀرپور خريداري، ناڻي واڌ ۾ لاٿ، معاشي استحڪام ۽ حڪو متي پاليسين تي اعتماد سبب مارڪيٽ ۾ مثبت رجهان سامهون آيو آهي. بينڪنگ، توانائي، سيمينٽ، تيل ۽ گيس ۽ ٻين اهم شعبن جي شيئرز ۾ نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي.











