سنڌ طاس معاهدو هڪطرفي طور تي معطل، ملتوي يا تبديل نه ٿو ڪري سگهجي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 30 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو هڪطرفي طور تي معطل، ملتوي يا تبديل نه ٿو ڪري سگهجي، پاڻي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جو بنيادي ۽ مڃيل حق آهي، ڀارت کي پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان عالمي قانون موجب پنهنجي قومي مفادن جو دفاع جاري رکندو، …

اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو هڪطرفي طور تي معطل، ملتوي يا تبديل نه ٿو ڪري سگهجي، پاڻي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جو بنيادي ۽ مڃيل حق آهي، ڀارت کي پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان عالمي قانون موجب پنهنجي قومي مفادن جو دفاع جاري رکندو، سنڌ طاس معاهدي جي حيثيت ۾ هڪطرفي تبديلي جا وسيع تر اثر سڄي دنيا ۾ سرحد پار پاڻين جي انتظام تي پئجي سگهن ٿا، عالمي برادري کي ان معاملي جي حساسيت جو ادراڪ ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن هتي انسٽيٽيوٽ آف اسريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ “پاڻي جو بطور هٿيار استعمال، سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جا تاريخي، قانوني ۽ اسٽريٽجڪ رخ” جي موضوع تي خصوصي رپورٽ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان پنهنجي سڃاڻپ سنڌو درياءَ جي پاڻين سان واڳيل سمجهون ٿا، سنڌ طاس معاهدي جي وجود ۾ اچڻ ۽ ٻن ڌرين جي وچ ۾ صحيحن جي وقت شايد اهو تصور به نه ڪيو ويو هوندو ته ڪجهه ڏهاڪن کانپوءِ اهڙو وقت به ايندو جڏهن ڀارت قانوني گهرجن کان اڻڄاڻ ۽ اخلاقي قدرن کان عاري ٿي ويندو. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو شرطن ۽ ضابطن جو تعين ڪندڙ قانوني فريم ورڪ آهي ۽ صحيحن کانپوءِ ٻنهي ڌرين تي قانوني طور تي لاڳو آهي. جڏهن معاهدي ۾ اهو شرط به موجود هجي ته ان کي هڪطرفي طور تي ملتوي، ختم يا تبديل نه ٿو ڪري سگهجي ته ان سان پاڪستان جي موقف کي قانوني سگهه ۽ جواز ملي ٿو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته معاهدي کي نه ته هڪطرفي تبديل تي تبديل، ختم يا ملتوي ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان کي معطل ڪري سگهجي. ڪنهن تڪرار جي صورت ۾ به ٻئي ڌريون معاهدي جي شرطن ۽ ضابطن تي عمل ڪرڻ جون پابند آهن. هن چيو ته آگسٽ 2025ع ۾ عالمي ثالثي عدالت پاڪستان جي ان موقف کي قانوني جواز ۽ سگهه ڏني ته معاهدي جي حيثيت کي هڪطرفي طور تي تبديل ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ان معاملي کي سفارتي انداز ۾ اڳتي وڌايو، عالمي برادري سان رابطو ڪري پنهنجو قانوني ۽ سفارتي موقف پيش ڪيو ۽ هڪ اهڙي رياست جي طور تي پنهنجو ڪيس پيش ڪيو جيڪا ٻين جي حقن جو احترام ڪري ٿي. وفاقي وزير چيو ته تازو ئي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس ۾و زيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان ۽ خطي جي عوام جي لاءِ زندگي جي شهه رڳ آهي ۽ ان حق کي غضب ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي جنگي قدم تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جو موقف بلڪل واصح آهي. پرڏيهي آفيس ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت نه رڳو عالمي ادارن پر خطي جي ملڪن سان پڻ رابطي ۾ آهن ڇو ته سنڌ طاس معاهدو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو ذريعو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قدمن جي دفاع جي لاءِ مبينا سرحد پار دهشتگردي کي جواز جي طور تي پيش ڪري ٿو، جڏهن ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هزارين جانين جون قربانيون ڏنيون آهن جڏهن ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران پاڪستان کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاشي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جڏهن ڪو پاڪستاني پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري ٿو ته اهو رڳو پاڪستان جي تحفظ جي لاءِ نه آهي پر پوري دنيا کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان دهستگردي جي جنگ ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف ڀارت جنهن سنڌ طاس معاهدو غيرقانوني طور تي معطل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪئناڊا ۽ ٻين ملڪن ۾ سکن سميت اقليتن جي خلاف سرحد پار قتل ۽ ڪاررواين جا الزام به لڳا آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڻي کي هٿيار بڻائڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان تڪرار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش مذمت جوڳي آهي ۽ ان کي قانوني، سفارتي يا اخلاقي سطح تي جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جو موقف واضح آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. جڏهن به اهو معاملو عالمي سطح تي قانوني فورمز تي پيش ٿيو، اتي به پاڪستان جي موقف کي سگهه ملي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان هڪ پرامن قوم آهي ۽ امن تي يقين رکي ٿو جڏهن ته ڀارت کي پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ڇو ته اهو پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جو بنيادي ۽ مڃيل حق آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي ان معاملي ۾ موجود وسيع تر مثال کي پڻ نظر ۾ رکڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪا رياست متفقه تڪرارن جي حل جي طريقيڪار جي موجودگي جي باوجود ڪنهن پابند عالمي پاڻي معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل ڪري سگهي ٿي ته ان جا اثر سڄي دنيا ۾ سرحد پار پاڻين جي انتظام ۽ ورڇ جي نظام تائين پکڙجي سگهن ٿا. ان جا انهن ملڪن تي پڻ اثر پئجي سگهن ٿا جن جي جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان معاهدا موجود آهن، انهي لاءِ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام اباد جو ڪم اهم آهي، تحقيقي ادارن جي ذميواري آهي ته اهي اهڙي اڳڀرائي جو تاريخي، قانوني ۽ اسٽريٽجڪ جائزو وٺي پاليسي سازن ۽ عالمي ادارن کي ثبوتن تي ٻڌل تجزيو فراهم ڪن. وفاقي وزير چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان جاري ڪئي ويندڙ خصوصي رپورٽ ان بحث ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي جنهن ۾ سنڌ طاس معاهدي جي تاريخ، ڀارت جي فيصلن جي قانوني رخن، اترئين علائقن ۾ پاڻي انفراسٽرڪچر بابت اڳڀرائي ۽ پاڪستان سميت پوري خطي تي ان جي اسٽريٽجڪ اثرن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان حڪومت عالمي برادري سان رابطو جاري رکندي ۽ عالمي قانون موجب پاڪستان جي اهم قومي مفادن جو دفاع ڪندي رهندي. جيڪي ملڪ عالمي قانون جي پاسداري نه ٿا ڪن اهي ترقي نه ٿا ڪري سگهن ۽ انهن جي ارادن کي دنيا چڱي ريت ڏسي سگهي ٿي. عطاءُ الله تارڙ ثالثي عدالت ۾ ڀارت کي جنهن شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو، ان کي سڀني ڏيٺو آهي. وفاقي وزير خصوصي رپورٽ جاري ڪرڻ تي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت ان مقصد جي لاءِ اداري سان گڏ مسلسل ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي.

مزید خبریں