پاڪستان پاران ايم ٽي آنر 25 جي بازيابي دوران ٽن پاڪستاني شهرين سميت 5 قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد - 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان صوماليه جي سمنڊ ڪناري ويجهو هاءِ جيڪ ڪيل سامونڊي جهاز ايم ٽي آنر 25 جي بازيابي جي آپريشن دوران عملي جي 5 ميمبرن جي افسوسناڪ موت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. فوت ٿيندڙن ۾ ٽي پاڪستاني شهري رفيع الله خان، سيد ڪاشف عمر ۽ محمود احمد انصاري به شامل آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران …

اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان صوماليه جي سمنڊ ڪناري ويجهو هاءِ جيڪ ڪيل سامونڊي جهاز ايم ٽي آنر 25 جي بازيابي جي آپريشن دوران عملي جي 5 ميمبرن جي افسوسناڪ موت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. فوت ٿيندڙن ۾ ٽي پاڪستاني شهري رفيع الله خان، سيد ڪاشف عمر ۽ محمود احمد انصاري به شامل آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿي، اسان ان ڏکوئيندڙ وقت ۾ انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ دعا ڪريون ٿا ته الله تعالى سوڳوار خاندانن کي صبر، استقامت ۽ حوصلو عطا فرمائي ۽ فوت ٿيندڙن جي مغفرت فرمائي،. چار ٻيا عملي ميمبر پڻ زخمي ٿيا آهن جن ۾ ٽي پاڪستاني شهري شامل آهن. زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ايم ٽي آنر 25 جي زندهه بچي ويندڙ عملي کي حفاظت سان بندربيلا جي سمنڊ ڪناري پهچايو ويو آهي. جيوتي ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٽيم پاڪستاني شهرين جي مدد جي لاءِ بندربيلا رواني ٿي رهي آهي. پاڪستان حڪومت پنهنجي مشن ۽ لاڳاپيل عملدارن جي ذريعي صومالي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ آهي. زخمين کي مناسب طبي سهولتن جي فراهمي، فوت ٿيندڙن جي ميتين جي پاڪستان منتقلي ۾ سهولت ۽ زندهه بچي ويندڙ پاڪستاني عملي جي حفاظت سان وطن واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں