مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس، اين ايڇ اي جي جاري ۽ تجويز ڪيل منصوبن، ريونيو ۾ واڌ، روڊ سيفٽي ۽ ترقياتي پروگرامز تي غور ويچار ڪيو ويو

اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جاري ۽ تجويز ڪيل منصوبن، روينيو ۾ واڌ، روڊ سيفٽي ۽ ترقياتي پروگرامز تي اعليٰ سطحي اجلاس جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو،  جنهن ۾ مختلف منصوبن تي اڳڀرائي  معاملي معاملن تي ويچاريو ويو. وفاقي وزير اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته اين ايڇ اي 2 سال اڳ روينيو ۾ واڌ لاءِ …

اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جاري ۽ تجويز ڪيل منصوبن، روينيو ۾ واڌ، روڊ سيفٽي ۽ ترقياتي پروگرامز تي اعليٰ سطحي اجلاس جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو،  جنهن ۾ مختلف منصوبن تي اڳڀرائي  معاملي معاملن تي ويچاريو ويو. وفاقي وزير اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته اين ايڇ اي 2 سال اڳ روينيو ۾ واڌ لاءِ مقرر ڪيل هدف ڪاميابي سان حاصل ڪري ورتو ۽ هاڻي جتان به روينيو اچي رهيو آهي اتي نون روڊن جي تعمير اين ايڇ اي پاڻ ڪندي، هن ٻڌايو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾  مڪمل ٿيندڙ اهم منصوبن ۾ لوڌران، ملتان ايڪسپريس وي، پنڊي ڀٽيان، فيصل آباد موٽر وي جي واڌ ۽ پشاور نادرن بائي پاس جا منصوبا شامل آهن جن جو افتتاح وزير اعظم ڪندو. وفاقي وزير عبدالعليم خان ٻڌايو ته سيالڪوٽ کاريان موٽر وي تي ڪم تيزي سان جاري آهي جڏهن ته ڪراچي ڪوئيٽا چمن پاڪستان ايڪسپريس وي اين 25 تي پڻ تعميراتي ڪم شروع آهي. عبدالعليم خان لاهور،گجرانوالا، جي ٽي روڊ جي خراب حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اين ايڇ اي عملدارن کي فوري قدمن جي هدايت ڪئي ته جيئن ڄاڻايل روڊن تان گذرندڙ شهرين کي رليف ملي سگهي. وفاقي وزير اين ايڇ اي اختيارين کي چيو ته هو نئين شاهن جي تعمير ۾ بهترين انجنيئرنگ ذريعيِ روڊ سيفٽي کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته انساني جانين جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. وفاقي وزير ايم 4 سميت مختلف شاهراهن جي ڊزائننگ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي روڊن کي گرين ۽ هر لحاظ کان محفوظ هجڻ گهرجي، جنهن لاءِ اسان جي انجنيئرنگ اسٽاف کي ترقي يافته ملڪن جي طرز تي موٽرويز کي محفوظ ۽ آرامده بڻائڻو پوندو، هن  روڊ انجنيئرنگ ۽ بهتر ڊيزائنگ اين ايڇ اي کي غير ملڪي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ چيو. اين ايڇ اي جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي وزير خان کي موٽر وي ايم 6 لاءِ فنڊن جي فراهمي، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ۾ جاري منصوبن ۽ چئني صوبن ۾ جاري اين ايڇ اي اي جي پراجيڪٽس تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اداري وٽ قومي شاهراهن جو 3.13 سيڪڙو نيٽ ورڪ آهي جڏهن ته ان تي  80 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽريفڪ روان دوان آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي طرفان جلد وزير اعظم کي گذريل اڍائي سالن جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني ويندي. اجلاس کي مواصلات واري سيڪريٽري ۽ اين ايڇ اي جي چيئرمين مختلف منصوبن تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ بلوچستان جي 108ا رب روپين جي منصوبن لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں