شنگهائي تعاون تنظيم جي وفد جو اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز جو دورو، جديد ڊزاسٽرمينيجمينٽ سسٽم تي تفصيلي بريفنگ

اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي)شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي نمائندن جي هڪ وفد نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي کين نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) جي صلاحيتي دائري ڪار ۽ قدرتي آَفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قائم جديد ڊجيٽل نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل …

اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي)شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي نمائندن جي هڪ وفد نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي کين نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) جي صلاحيتي دائري ڪار ۽ قدرتي آَفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قائم جديد ڊجيٽل نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ايس سي او وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان جي فعال ۽ جديد ڊزاسٽرمينيجمينٽ فريم ورڪ کان آگاهه ڪيو. بريفنگ دوران وفد کي قدرتي آفتن جو اڳواٽ اطلاع (ارلي وارننگ سسٽم)، امڪاني خطرن جي نشاندهي، خطرن ۾ گهٽتائي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ ڊيٽا تي ٻڌل نظام جي موثر استعمال بابت ٻڌايو ويو. ان کانسواءِ عوام تائين هنگامي صورتحال ۾ وقت سر، مستند معلومات ۽ اڳواٽ الرٽس پهچائڻ جي جديد طريقيڪار تي به روشني وڌي وئي. اين ڊي ايم اي چيئرمين خطي کي موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي خطرن جي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ ايس سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ گڏيل حڪمت عملي، پائيدار نظام ۽ جامع قدمن اختيار ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن ميمبر ملڪن وچ ۾ معلومات جي وقت سر مٽاسٽا، گڏيل صلاحيت ۾ اضافي ۽ فني حصيداري کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو. ايس سي او وفد قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ اين ڊي ايم اي جي جديد ترين نظام، اڳواٽ تيارين ۽ خاص ڪري اين اي او سي جي فعال صلاحيتي دائري ڪار کي ساراهيندي ان کي خطي لاءِ هڪ بهترين نمونو قرار ڏنو.

مزید خبریں