نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، ايس سي او ملڪي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني لاءِ پاڪستان جي تيارين جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد - 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب ميزباني جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ان اهم گهڻ رخي فورم جي ميزبان جي حيثيت سان اعلى معيار قائم ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير …

اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب ميزباني جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ان اهم گهڻ رخي فورم جي ميزبان جي حيثيت سان اعلى معيار قائم ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني جي لاءِ پاڪستان جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جاري تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته طئي ٿيل ٽائيم لائين موجب سمورين تيارين جي وقت سر تڪميل ۽ ويجهو رابطو يقيني بڻايو وڃي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي ڪامياب ميزباني ۽ ان اهم گهڻ رخي فورم جي ميزبان جي حيثيت سان اعلى معيار قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، دفاع واري سيڪريٽري، وقتي پرڏيهي سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں