اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينئر صحافي ۽ رواني مدبر جي چيف ايڊيٽر سيد رياض حسين نظاماڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر، سيد رياض حسين نظاماڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي صحافت جي شعبي ۾ پيش ڪيل خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو، مرحوم صحافت جي شعبي ۾ پنهنجي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران سينئر صحافي سيد رياض حسين نظاماڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سينئر صحافي ۽ رواني مدبر جي چيف ايڊيٽر سيد رياض حسين نظاماڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر، سيد رياض حسين نظاماڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي صحافت جي شعبي ۾ پيش ڪيل خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو، مرحوم صحافت جي شعبي ۾ پنهنجي ڊگهي صحافتي خدمتن دوران پيشيوراڻي ۽ مثبت صحافتي قدرن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس وفات سان پيدا ٿيل خال ڀرجي نه سگهجندو. اسپيڪر مرحوم جي ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.











