اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي نيشنل اڪيڊمي آف هائر ايجوڪيشن يونيورسٽين جي انتظامي معاملن سان لاڳاپيل آفيسرن لاءِ مصنوعي ذهانت جي عملي استعمال جي موضوع تي 3 ڏينهن واري تربيتي پروگرام جو اعلان ڪيو آهي. تربيتي پروگرام 7 کان 9 آڪٽوبر تائين نيشنل اڪيڊمي آف هائر ايجوڪيشن، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. پروگرام ۾ يونيورسٽين جي انتطامي معاملن سان لاڳاپيل گريڊ 17، …
هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران يونيورسٽين جي انتظامي معاملن بابت آفيسرن لاءِ مصنوعي ذهانت جي عملي استعمال جي موضوع تي 3 ڏينهن واري تربيتي پروگرام جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي نيشنل اڪيڊمي آف هائر ايجوڪيشن يونيورسٽين جي انتظامي معاملن سان لاڳاپيل آفيسرن لاءِ مصنوعي ذهانت جي عملي استعمال جي موضوع تي 3 ڏينهن واري تربيتي پروگرام جو اعلان ڪيو آهي. تربيتي پروگرام 7 کان 9 آڪٽوبر تائين نيشنل اڪيڊمي آف هائر ايجوڪيشن، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. پروگرام ۾ يونيورسٽين جي انتطامي معاملن سان لاڳاپيل گريڊ 17، 18 ۽ 19 جا آفيسر شرڪت ڪري سگهندا، جڏهن ته تدريسي عملو ان پروگرام لاءِ اهل نه هوندو. هائر ايجوڪيشن ڪميشن مطابق پروگرام ۾ اسسٽنٽ ۽ ڊپٽي رجسٽرارز، ڪنٽرولرز، خزانچي ۽ ٻين لاڳاپيل انتظامي آفيسرن کي نامزد ڪري سگهجي ٿو. هر يونيورسٽي کان وڌ کان وڌ 5 آفيسرن جون نامزدگيون طلب ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سيٽون محدود هجڻ جي صورت ۾ شروعاتي 2 نامزد اميدوارن کي ترجيح ڏني ويندي. تربيتي پروگرام جو مقصد يونيورسٽي انتظاميه سان لاڳاپيل آفيسرن کي يونيورسٽين جي انتظامي معاملن ۾ مصنوعي ذهانت جي عملي استعمال سان لاڳاپيل مهارتون فراهم ڪرڻ آهي.











