سمارٽ اسلام آباد منصوبي تحت ايندڙ 6 مهينن ۾ 2500 آءِ او ٽي ڊوائيسز لڳايون وينديون: وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه اعلان ڪيو آهي ته سمارٽ اسلام آباد منصوبي تحت ايندڙ 6 مهينن دوران وفاقي گادي واري شهر ۾ 2500 انٽرنيٽ آف ٿنگز (آءِ او ٽي) ڊوائيسز لڳايون وينديون ته جيئن شهرين کي جديد ڊجيٽل سهولتن جي فراهمي ۽ شهري انتظام کي پاڻمرادو بڻائي سگهجي. هو اربع ڏينهن هواوي سمر آءِ سي ٽي ٽريننگ …

اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه اعلان ڪيو آهي ته سمارٽ اسلام آباد منصوبي تحت ايندڙ 6 مهينن دوران وفاقي گادي واري شهر ۾ 2500 انٽرنيٽ آف ٿنگز (آءِ او ٽي) ڊوائيسز لڳايون وينديون ته جيئن شهرين کي جديد ڊجيٽل سهولتن جي فراهمي ۽ شهري انتظام کي پاڻمرادو بڻائي سگهجي. هو اربع ڏينهن هواوي سمر آءِ سي ٽي ٽريننگ پروگرام مڪمل ڪندڙ اسلام آباد جي اسڪولن جي شاگردياڻين جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ۽ سندون ورهائي رهي هئي. وفاقي وزير چيو ته جديد ٽيڪنالاجي هاڻي زندگي جي هر شعبي ۽ شهري سهولتن جي فراهمي ۾ ضروري ٿي چڪي آهي، حڪومت شهرين کي قطارن ۽ آفيس جي چڪرن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ون اسٽاپ موبائيل اپليڪيشن ۽ آسان خدمتن جي مرڪزن ذريعي سمورا بلز، ٽيڪسز ۽ سرڪاري خدمتن کي تيزي سان ڊجيٽلائيز ڪري رهي آهي جنهن سان گڏوگڏ ڪيپيٽل ۾ وسيع پئماني تي آءِ او ٽي نيٽ ورڪ قائم ڪيو پيو وڃي. شزه فاطمه خواجه تقريب ۾ شريڪ شاگردياڻين جي واکاڻ ڪندي چيو ته گريڊ 7 کان سيڪنڊ ايئر تائين جي ننڍي عمر جي شاگردياڻين گرمين جي موڪلن ۾ نه رڳو جديد آءِ ٽي ٽريننگ مڪمل ڪئي پر سراسري طور 25 کان 28 سرٽيفڪيشنز حاصل ڪيا ۽ پنهنجي عمر کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ درجي جا ڪورسز پاس ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. هن زور ڀريو ته پاڪستان جي 68 سيڪڙو نوجوان آبادي ۽ 50 سيڪڙو عورتون ملڪ جو سڀ کان وڏو ڊجيٽل اثاثو آهن، هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته اسان جا نوجوان رڳو ٽيڪنالاجي جا صارفين نه بڻجي رهن پر پاڻ ٽيڪنالاجي تخليق ڪندڙ پروڊيوسرز ۽ ڊولپرز بڻائين. وفاقي وزير چيو ته جديد دور۾ آءِ ٽي ۽ سائبر سيڪيورٽي جو سڌي ريت تعلق ملڪي دفاع ۽ قومي سلامتي سان جڙي چڪو آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت جامع سائبر سيڪيورٽي ايڪٽ ۽ نئين پاليسي تي به تيز رفتاري سان ڪم ڪري رهي آهي، هن ڪامياب شاگردياڻين کي مبارڪون ڏيندي گرمين جي موڪلن ۾ آءِ ٽي واري وزارت جي پروجيڪٽس ۾ انٽرنشپ جي پڻ آڇ ڪئي آهي.

مزید خبریں